اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف عيد جي موقعي تي پاڪستان سوڌو عالم اسلام کي مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته منهنجي دعا آهي ته هي مبارڪ گهڙي  اسان سڀني جي زندگي ۾ کوڙ ساريون خوشيون آڻي، هن چيو ته رمضان المبارڪ جي  روزن ۽ الله جي عبادت سان اسان جي زندگي ۾ صبر، ٻين جي احساس جو جذبو پيدا ٿيو، عيدالفطر ان جو عملي اظهار ڪرڻ جو موقعو آهي، وزيراعظم چيو ته پنهنجي ڀرپاسي موجود ضرورتمندن، محتاجن، يتيمن سان رحمدلي جو مظاهرو ڪريو، هي مشڪل دور آهي جنهن ۾ عام حالتن کان وڌيڪ ان جي ضرورت آهي، انهن سڀني کي عيد جي خوشين ۾ شامل ڪريو جيڪي ڏکيائين جو شڪار آهن. وزيراعظم چيو ته عيد جي موقعي تي ٻوڏ متاثرن کي نه وساريو وڃي انهن کي به پنهنجي خوشين ۾ شامل ڪيو وڃي.