اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي گهرو وزير رانا ثناءُالله عيد جي موقعي تي پوري قوم کي مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته عيدالفطر مسلمانن لاءِ خوشي ۽ شڪر ادا ڪرڻ جو ڏينهن آهي، هن عيد جو مقصد مسلمانن ۾ اتحاد، ڀائيچارو، سخاوت جهڙن جذبن کي هٿي ڏيڻ آهي، غريبن، مستحقن، ضرورتمندن کي به عيد جي خوشين ۾ شريڪ ڪيو وڃي.