ڪوئيٽا (م ڊ) وزير اعظم شهباز شريف ٻوڏ متاثرن جي ٻن مهينن جا بجلي بل معاف ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. وزيراعظم شهباز شريف بلوچستان جي ٻوڏ سبب متاثر ضلعي صحبت پور جو دورو ڪيو ۽ متاثرن ڪئمپ ۾ قائم اسڪول پڻ ويو ۽ ٻارن سان گفتگو ڪئي. دوري دوران وزيراعظم عورتن کان مسئلن بابت معلومات ورتي ۽ لاڳاپيل انتظاميا کي فوري طور سندن مسئلا حل ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون. بريفنگ دوران وزيراعظم متاثر علائقن ۾ امدادي ڪمن ۽ پاڻي جي نيڪالي وارو عمل تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته متاثر علائقن ۾ وبائي مرضن تي ظابطو آڻڻ ضروري آهي. ان موقعي تي هن ٻوڏ متاثرن جي آگسٽ ۽ سپٽمبر جا بجلي بل معاف ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو ته سڄي ملڪ ۾ 300 يونٽ بجلي استعمال ڪندڙ واهپيدارن کان فيول ايڊجسٽمينٽ چارجز پڻ نه ورتا ويندا. هن چيو ته سياري لاءِ گيس خريدڻ جي ڪوشش ڪريون پيا، جڏهن گيس سستي هئي ته ان وقت اڳوڻي حڪومت ستل هئي، ان کي ڪو فڪر نه هو.