سکر (رپورٽ: فاروق سومرو) سنڌ سرڪار هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ جي برسات متاثرين بابت ڏنل حڪم خلاف سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي. سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ جي جسٽس ظفر احمد راجپوت ۽ جسٽس شمس الدين عباسي تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ پاران سکر ڊويزن ۽ ميرپور خاص ضلعي اندر برساتي پاڻي جي نيڪال ۽ امدادي سامان نه ملڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران سکر، گهوٽڪي،خيرپور. نوشهرفيروز، ميرپورخاص ضلعن جا ڊي سي ايز، هيلٿ، آبپاشي ۽ لاڳاپيل آفيسر پيش ٿيا. ان دوران وڪيل شبير شر ۽ نثار احمد ڀنڀرو عدالت کي ٻڌايو ته رپورٽون سڀني ضلعن جون هڪجهڙيون آهن پر متاثرن کي ڪجهه به ناهي مليو، ماڻهو مرن پيا. انسان ڌپ ۾ جانورن سان گڏ رهن پيا. ڪراچي ڏانهن ويندڙ سڀ روڊ رستا پاڻيءَ جي ڪري بند آهن. سکر ليبر ڪالونيءَ ۾ متاثرن پاڻ وڃي ويٺا آهن، ڪا به سهولت ناهي ڊي سي غلط بياني پيو ڪري، انتظاميه فنڊ نه هجڻ جو جواز ڄاڻائي مورو ۾ متاثرن جي ماني بند ڪري ڇڏي آهي. ان تي جسٽس ظفر احمد راجپوت رماڪس ۾ چيو ته متاثرن جتي به هوندا انهن کي اتي  ماني ۽ ٻيون سهولتون  ملنديون. اسڪول ڪئمپن ۾ تبديل بند هجڻ بابت جسٽس ظفر احمد راجپوت رماڪس ۾ چيو  ته تعليم ۽ ٻيو ڪجهه بعد ۾، پهريان انسان جي زندگي آهي. اسان اهڙي صوبي ۾ رهون ٿا جنهن جو تعليم وارو وزير چوي پيو 5 هزار اسڪول اجايا آهن، جيڪڏهن 6 مهينا به اسڪول بند رهندا ته سنڌ جي تعليم تي اثر نه پوندو. جڏهن ته وڪيل شبير شر ۽ وڪيل نثار ڀنڀرو موجب ٻڌڻي دوران سرڪاري وڪيل عدالت کي آگاهه ڪيو ته سنڌ سرڪار عدالتي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ ويل آهي جنهن تي جسٽس ظفر احمد راجپوت رماڪس ۾ چيو ته اسان برسات متاثرين بابت ڪيس ٻڌنداسين جيستائين سپريم ڪورٽ فيصلو نٿي ڏي جنهن بعد عدالت ميرواهه کي لڳل ٻه ڪٽ 24 ڪلاڪن اندر بند ڪري رپورٽ21 سيپٽمبر تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو.