ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ 5 کان 16 سالن تائين جي ٻارن کي مفت تعليم ڏيڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، چيف سيڪريٽري، تعليم کاتي جو سيڪريٽري ۽ ٻيا لاڳاپيل آفيسر عدالت ۾ پيش ٿيا، تعليم کاتي جي سيڪريٽري دعويٰ ڪئي ته گذريل 15 ڏينهن دوران سنڌ جي اسڪولن ۾ 3 لک نوان ٻار انرول (داخل) ڪيا ويا آهن. عدالت سيڪريٽري تعليم کان ايندڙ ٻڌڻي تي تفصيل طلب ڪري ورتا،  عدالت سيڪريٽري تعليم کي هدايت ڪئي ته ڪهڙن ڪهڙن ضلعن ۾ بند پيل اسڪول کوليا ويا آهن ، انهن جا تفصيل ڏنا وڃن. چيف سيڪريٽري عدالت کي آگاهي ڏني ته صوبي ۾ 7 ضلعن ۾ استادن جي حاضري گهٽ هئي، انهن ضلعن ۾ حاضري يقيني بڻائڻ لاءِ موبائيل ايپليڪيشن متعارف ڪرائڻ وڃي رهيا آهيون. جسٽس يوسف علي سعيد ريمارڪس ڏنا ته هن وقت  سال 2022ع  هلي رهيو آهي، مختلف ادارن ۾ موبائل فون سم وارو به بايو ميٽرڪ سسٽم استعمال ڪري رهيو آهي، انهي ڪري استادن جي حاضري  چڪاسڻ مشڪل ڪم ناهي، عدالت تعليم کاتي جي سيڪريٽري کان پڇيو ته شاگردن جي حاضري يقيني بڻائڻ لاءِ ڪهڙا قدم کنيا پيا وڃن؟ جسٽس عدنان اقبال چوڌري چيو ته پوليس به آن لائين حاضري جو سسٽم متعارف ڪرايو آهي، جيڪو اهلڪار جتي آهي، لاگ ان ڪري حاضري لڳائيندو آهي، انرولمينٽ جو فائدو تڏهن ٿيندو، جڏهن حاضري وڌندي. عدالت چيف سيڪريٽري سان مخاطب ٿيندي چيو ته چيف سيڪريٽري صاحب! مسئلن جي نشاندهي ڪرڻ بجاءِ انهن جو حل پيش ڪريو. تعليم کاتي جي سيڪريٽري عدالت کي ٻڌايو ته اسان 4430 بند اسڪول کوليا آهن،  جسٽس يوسف علي سعيد سيڪريٽري کان پڇيو ته اهي اسڪول ڪهِڙن ضلعن ۾ آهن، لسٽ پيش ڪئي وڃي. سيڪريٽري تعليم چيو ته ٻارن جي انرولمينٽ وڌائڻ لاءِ مهم هلائي وئي آهي، جنهن تي جسٽس عدنان اقبال چوڌري سيڪريٽري کان پڇيو ته ٻارن کي هٿن ۾ بينر ڏئي بيهاري ڇڏيو آهي، انهن کي سياست ۾ ڇو ملوث ڪري رهيا آهيو؟  اهڙي طرح سان ٻارن جي تضحيڪ ته نه ڪريو، ڪين ڪمشنر به مهم هلائي رهيو آهي.  عدالت سيڪريٽري کان پڇيو ته جيڪي والدين ٻارن کي داخل نه ڪرائيندا، اوهان انهن خلاف ڪهڙو ايڪشن کڻندو؟ ٻڌڻي دوران چائلڊ پروٽيڪشن اٿارٽي طرفان  رپورٽ پيش ڪئي وئي، جنهن۾ ڄاڻايو ويو ته ڪراچي ڏکڻ ضلعي ۾ 30 گداگر ٻارن کي تحويل ۾ وٺي شيلٽر هوم منتقل ڪيو ويو آهي. چيف سيڪريٽري عدالت کي ٻڌايو ته ٻارن کي روڊ تان پڪڙڻ مسئلو آهي، ماڻهو  گڏ ٿي ويندا آهن، مڇر ڪالوني ۾ به هڪ واقعو ٿي چڪو آهي، ٻن ڄڻن کي اغوا ڪندڙ سمجهي قتل ڪيو ويو. عدالت ٻڌڻي 13 جنوري تائين ملتوي ڪندي اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪري ورتي