نام نهاد سردارن جي ڀڄڻ جا سڀ رستا بند ٿي چڪا آهن: ام رباب چانڊيو

0
757

دادو (رپورٽر) ماڊل ٽرائل ڪورٽ ۾ ميهڙ جي ٽيڻي قتل ڪيس ۾ ايس ايڇ او ڪريم چانڊيوکي شامل ڪرڻ بابت درخواست تي ٻڌڻي ٿي، ايس ايڇ او ڪريم چانڊيو پيش نه ٿيو، سندس ڀاءُ رحيم چانڊيو پيش ٿيو، عدالت درخواست تي ٻڌڻي 29ڊسمبر تائين ٻڌڻي ملتويڪري ڇڏي

ميڊيا سان ڳالهائيندي ام رباب چانڊيو چيو ته قاتلن جو ساٿاري ايس ايڇ او عدالت  ۾ پيش نه ٿيو، جوابدار ڌر ڪيس ڊلي  پريڪٽس  جو ورجاءُ پئي ڪري پر گهڻي  دير  ڀڄي نه سگهندا

ام رباب چانڊيو جو وڌيڪ چوڻ آهي ته  سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ڏنل ٽائيم  پيرڊ ۾ ڪيس نه اڪلايو ويو ته توهين  عدالت ٿينديم نام نهاد سردارن جي ڀڄڻ  جا سڀ رستا بند ٿي چڪا آهن

هي به پڙهندا

منهنجي پيءُ، چاچي ۽ ڏاڏي کي قتل ڪرڻ کان اڳ منصوبابندي ڪئي وئي: ام رباب چانڊيو