ٺڪراٺو (ن پ ا) ٺڪراٺي ويجهو ڳوٺ گاڙھو دڙو جو رهواسي 15 ورهين جو نينگر سخي محمد پٽ حاجي مهتم گذريل هڪ هفتي کان ڪي پي ڪي جي شهر ايبٽ آباد مان گم ٿي  ويو. گهڻي ڳولا باوجود پتو نه پئجي سگهيو. وارثن اغوا جو شڪ ڏيکاري ڇڏيو. نينگر سخي محمد روزگار سانگي ڪي پي ڪي ويو هو، هفتو اڳ ايبٽ آباد شھر پراسرار نموني گم ٿي ويو. ڳولا ڪرڻ باوجود نينگر جو ڪوبه ڏس پتو نه پئجي سگهيو آهي. گم ٿيل نينگر جي امڙ مائي شبيران ۽ ڀاءُ نورحسن پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته نينگر سخي محمد پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ مزدوري ڪندو هو، جتان پراسرار نموني گم ٿي ويو آهي. خدشو آهي ته کيس اغوا ڪيو ويو آھي. هنن سکر ضلعي انتظاميا کي اپيل ڪئي ته نينگر جي ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي.