ميان صاحب (ن پ ا) ميان صاحب ۾ هڪ سال جي نسيمان ڌيءُ منير جمالي  استري جو ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي وئي، نينگري جي ماءُ ڪپڙا استري ڪري رهي هئي ته ڀرسان راند ڪندي نينگري جو هٿ استري کي لڳو، ڪرنٽ لڳڻ ڪري نينگري بيهوش ٿي وئي، جنهن بعد کيس سرڪاري اسپتال بند هجڻ سبب نينگري کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ خانگي ڊاڪٽر جي اسپتال نيو ويو جتي ڊاڪٽر چڪاس ڪرڻ بعد نينگري جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي جنهن تي سندس گهر ڀاتين ۾ ڪهرام مچي ويو آهي.