حيدرآباد: اوقاف کاتي جون زمينون اربين رپين جي ماليت جون آهن جن مان ساليانو ڪروڙين رپين جي آمدني ٿئي ٿي. ٻڌايو پيو وڃي ته حيدرآباد ۽ ميرپورخاص ڊويزنن ۾ 12 هزار ايڪڙن کان وڌيڪ اوقاف کاتي وٽ وقف ٿيل زمينون موجود آهن. قاعدي ۽ قانون موجب لاڳاپيل ڊويزنن جا مئنيجر زمينن جي کاتن، زمينن جي مقاطعي جي نيلامي، مقاطعي مان حاصل ٿيندڙ رقم ۽ ٻيو ضروري رڪارڊ رکڻ جا پابند آهن پر ٺٽي توڙي ميرپورخاص ۾ انهن زمينن جو گهربل اهم رڪارڊ يا ته رکيو ئي نٿو وڃي يا مبينا طور گم ڪيو وڃي ٿو. رسيدون چيف ايڊمنسٽريٽر اوقاف کاتي جي اڪائونٽنس آفيسر کان ورتيون وڃن ٿيون جن لاءِ لاڳاپيل مئنيجر کي باقائده درخواست ڏيڻي پوندي آهي. انهن رسيدن جي آفيس ڪاپي ٻيهر اڪائونٽس آفيس ۾ جمع ٿيڻي هجي ٿي پر پڇاڻو نه ٿيڻ جي ڪري انهن رسيدن جو ڪو رڪارڊ نٿو رکيو وڃي. مئنيجر مختلف وقتن تي رسيد بُڪ حاصل ڪن ٿا. مبينا طور انهن جي آفيس ڪاپي ۽ خالي رسيدون ٻيهر جمع نٿيون ڪرايون وڃن. اطلاع اهي به آهن ته ڪجهه رسيدن جي بنياد تي معمولي رينٽ وصول ڪري سرڪاري خزاني ۾ جمع ڪرائي خانه پوري ڪئي وڃي ٿي جڏهن ته باقي رقم آفيسر ۽ مئنيجر هڙپ ڪري ڇڏين ٿا. اوقاف کاتي جون اهي زمينون ڪجهه انتهائي بااثر ماڻهن جي حوالي ٿيل آهن ۽ انهن بااثر ماڻهن پنهنجن پنهنجن ملازمن جي شناختي ڪارڊن تي زمينن جو مقاطعو حاصل ڪري انهن زمينن کي پنهنجي ڪمائي جو ذريعو بڻائي ڇڏيو آهي پر اوقاف کاتو توڙي ٻيا ادارا انهن زمينن جي مالڪي ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن.