حيدرآباد: اوقاف کاتي پاران ميرپورخاص ۾ 14هين گريڊ جو هڪ ملازم منصور عباسي ميرپورخاص ڊويزن جو مئنيجر مقرر ٿيل آهي. مئنيجر جي اها پوسٽ 17هين گريڊ جي آهي پر ان تي 14هين گريڊ جي هڪ ملازم کي رکيو ويو آهي جيڪو سالن کان مئنيجر جي سيٽ تي ويٺل آهي. ان مئنيجر خلاف 2018ع ۾ انڪوائري شروع ڪئي وئي هئي. ان وقت اوقاف کاتي جي صوبائي وزير غلام شاهه جيلاني ميرپورخاص جي درگاهن جي دوري دوران اهو اعتراف ڪيو هو ته زمين جو رڪارڊ گم ٿيل آهي جنهن کانپوءِ اوقاف کاتي جاچ شروع ڪئي هئي. اڳوڻي صوبائي وزير جي هدايتن تحت ڪجهه عرصي لاءِ هڪ ٻي ملازم کي مئنيجر اوقاف ميرپورخاص مقرر ڪيو ويو هو جنهن پنهنجي رپورٽ ڄاڻايو هو ته منصور عباسي کيس گهربل رڪارڊ فراهم نه ڪيو آهي. ان رڪارڊ ۾ زرعي زمين جو فارم نمبر 3، فارم نمبر 6 جو رجسٽرڊ، ڪيش بُڪ رجسٽرڊ، جنرل آڪشن فائل، پراڻو ليز فائل، پراڻو لٽيگيشن فائل، درگاهه کٿڙ واري جو ٽيڪنگ اوور فائل، رينٽ رسيب بڪ فارم نمبر 6، 55، 92، 403، پراڻو چالان فائل، مئنيجر جا ٺپا، نئون ڪنفرميشن ايگريڪلچر لينڊ فائل، وقف تعليم الدين ٽنڊوالهيار، وقف مقام محمود شاهه فائل، ايگريڪلچر آفتاب عالم ۽ ذيشان مري فائل ۽ آئوٽ ورڊ فائل شامل هو. ذريعن موجب بعد ۾ ڪجهه رڪارڊ اوقاف کاتي جي حوالي ڪيو ويو هو پر انتهائي اهم رڪارڊ کاتي جي اختيارين حوالي نه ٿيو هو جنهن تي ان وقت جي مئنيجر ميرپورخاص منصور عباسي کي معطل به ڪيو ويو هو. بعد ۾ ان معاملي کي دٻايو ويو ۽ ڪجهه عرصي بعد منصور عباسي کي ميرپورخاص ڊويزن جو مئنيجر مقرر ڪيو ويو جيڪو اڃا تائين اتي موجود آهي.