ٺٽو ( رپورٽر) ٺٽي شهر جي پراڻي ۽ مشهور نمن واري اسپتال ٽائون ڊسپينسري جي عمارت گذريل 26 سالن مرمت نه ٿيڻ ڪري اسپتال جي عمارت مڪمل طور تي زبون حالي جي ور چڙهي انتهائي خطري واري صورتتحال ڪري وئي آهي ، ڊاڪٽرن ۽ مريضن  چيو ته اسپتال جي عمارت مڪمل طور تي برساتن بعد انتهائي خطري واري شڪل اختيار ڪري وئي آهي اسپتام جي ڪمرن مان روز معمول بڻيل چاپڙن جي ڪرڻ سبب ڪنهن به وقت وڏي جاني نقصان جو انديشو آهي “پنهنجي اخبار” سان ڳالهائيندي هنن چيو ته اسپتال جي ڇت مان پڻ اوچتو ڪرندڙ چاپڙن سبب مريض ۽ اسپتال جو عملو پڻ معجزاڻي طور بچي ويو آهي هنن چيو ته نمن واري اسپتال ٺٽي جي پراڻي اسپتال آهي جنهن ۾ روزانو علاج لاءِ ٺٽو شهر سميت ڀرپاسي جا سون جي تعداد ۾ مريض علاج لاءِ ايندا آهن جڏهن ته اسپتال جي ڊاڪٽرياڻي ثميرا اعجاز ۽ ٻين ڊاڪٽرن پڻ چيو ته هنن صحت کاتي ٺٽي جي اختيارين سان گڏ ضلعي انتظاميه کي پڻ اسپتال جي عمارت جي زبون حالي بابت ڄاڻ ڏني آهي جڏهن ته هنن اهو پڻ چيو ته اسپتال جي ڇت مان روزانو وڏي تعداد ۾ چاپڙن جي ڪرڻ سبب سندن جانين کي سخت نقصان جو انديشو آهي ٽائون ڊسپينسري جي تباھ عمارت جي فوري مرمت ڪرائي وڃي.