ٺڪراٺو (ن پ ا) ٺڪراٺي ڀرسان نامعلوم چور ڳوٺاڻي جون 14 ٻڪريون ڪاهي فرار ٿي ويا، اطلاع باوجود پوليس واردات واري جڳھه تي نه پھتي. خبر موجب گذريل رات دير سان مبارڪپور ٿاڻي جي حد ڳوٺ آچر مھر مان نامعلوم چور پورهيت لياقت  علي مھر جي گهر ۾ گهڙي 14 ٻڪريون ڪاهي فرار ٿي ويا. مبارڪپور پوليس کي صبح جو سوير ڳوٺاڻن پاران چوري جو اطلاع ڏنو ويو پر پوليس روايتي سستي برقرار رکندي واردات واري هنڌ نه پهتي. ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت چورن جا پيرا کنيا جيڪي مبارڪپور- ٺڪراٺو  لنڪ روڊ تي گم ٿي ويا. ڳوٺاڻن اسد علي، غلام محمد، لياقت علي ۽ ٻين جو چوڻ هو ته پوليس جي نااهليءَ سبب علائقي ۾ ھڪ ڀيرو ٻيھر بدامني جي باهه ڀڙڪي پئي آھي. هنن سکر پوليس کان مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي گرفتار ڪري مالي نقصان جو ازالو ڪيو وڃي.