لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ ) لاڙڪاڻي ۾ ايريگيشن کاتي جي رٽائرڊ ملازم جيمل جاگيراڻي ۽ اسماعيل اعواڻ آفيس ٻاهران پتلو ساڙي احتجاج ڪندي چيو ته اسان وٽ آل گورنمينٽ ڊپارٽمينٽ ۾ ڪجهه ڪلارڪن پاران رشوت جي بازار گرم ڪندي رٽائرڊ ملازمن  جي پينشن جي مد ۽ فوت ٿي ويل ملازمن جي وارثن کان رشوت عيوض انهن جا سرڪاري ڪم ڪيا پيا وڃن، جنهن ڪري اسين آبپاشي کاتي جي آفيس ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪري پتلو ساڙي احتجاج رڪارڊ ڪرايو آهي. هنن الزام لڳائيندي چيو ته ايريگيشن ملازم شمشاد جتوئي  خلاف فوري ڪارروائي ڪئي وڃي نه ته ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.s