ٺل(ن پ ا) ٺل ويجهو اي سيڪشن پوليس پاران طالب شاه واري علائقي ۾ مبينا مقابلو ٿي پيو جتي فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ جوابدار ثناءُ الله پٽ محمد شريف گوپانگ زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري وٽس هٿيار ۽ ڦر ٿيل موٽر سائيڪل هٿ ڪرڻ جي دعوي ڪئي وئي آهي ايس ايڇ او اي سيڪشن سعيد جماڻي پاران رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته اسان گشت تي هئاسون ته طالب شاه واري علائقي ۾ ڏوهارين پوليس مقابلي مٿان فائرنگ ڪئي جنهن دوران جوابي فائرنگ ۾ هڪ ڏوهاري ثناءُ الله گوپانگ زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو آهي ۽ وٽس قبضي مان پسٽل ۽ ڦر ٿيل موٽر سائيڪل پڻ هٿ ڪئي آهي جڏهن مقابلي ۾ چار ڏوهاري فرار ٿي ويا آهن گرفتار ٿيل ڏوهاري ٺل جي مسڻ محلي جو رهواسي آهي جڏهن ته ڏوهاري پاران موٽر سائيڪلون ڦر ڪرڻ جو اعتراف ڪيو آهي.