ٺاروشاهه (ن پ ا) ٺاروشاهه دستگير ڪالوني واسي پورهيت نوجوان جاني مڱڻھار جي چنگچي رڪشا کي اوچتو باهه وڪوڙي وئي. باهه سبب نوجوان سڙي زخمي ٿي پيو. پورهيت جي پيءُ گلزار مڱڻهار روئيندي ٻڌايو ته پٽ کي قسطن تي اوڌر تي رڪشو وٺي ڏنو هو جنهن کي اوچتو باهه لڳي وئي جنهن ڪري پٽ به سڙي سخت زخمي ٿي پيو آھي، هن چيو ته اسان انتهائي غريب آھيون گهر جي جڳهه به ناهي، ڪرائي جي گهر ۾ ترسيل آھيون شادي مرادين ۾ دهل وڄائي ٻچڙن جو پيٽ پاليندو آھيان. ڊاڪٽرن ٻڌايو آھي ته پٽ جو جسم 50 سيڪڙو سڙي ويو آھي جنهن تي لکين رپيا خرچ ٿا اچن، پئسا نه هئڻ ڪري گهر ۾ ئي پٽ کي ملهم پٽي ڪري رهيا آھيون. هن وس وارن کان مطالبو ڪندي چيو ته فوري طور پٽ جو علاج ڪرائي پٽ جي حياتي بچائي وڃي.