ورڪشاپ (ن پ ا) ورڪشاپ ويجهو گجري اسٽاپ لڳ فصل جي ڀيل تان منگواڻا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ ڪري ھڪ ڄڻو غلام رسول منگواڻو سخت زخمي ٿي پيو، زخمي غلام رسول منگواڻو جي وارثن ۽ ڳوٺاڻن احتجاج ڪندي ٻڌايو ته فصل جي ڀيل جو بهانو ڪري وھاب منگواڻو، جمِشير، رشيد منگواڻو، ۽ ٻين اسانجي گهرن مٿان حملو ڪري اسانجي ھڪ ھمراهه کي لٺيون ڪهاڙيون ھڻي سخت زخمي ڪري ڇڏيو آھي. هنن مطالبو ڪيو ته اسان سان انصاف ڪيو وڃي.