ڪراچي: ڪراچي يونين آف جرنلسٽ پاران جناح اسپتال ۾ ڊاڪٽرن جي مبينا غفلت سبب فوت ٿي ويل نوجوان صحافي عرفان پيرزادو جي موت تي ڏک جو اظهار ڪندي وارثن سان ڏک جو اظهار ڪيو، اڳواڻن صدر اعجاز احمد، جنرل سيڪريٽري عاجز جمالي، طلحه هاشمي، رفيق بلوچ ۽ ٻين مطالبو ڪيو ته معاملي جي شفاف جاچ ڪرائي غفلت ڪندڙ ڊاڪٽر ۽ عملي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.