وقت ڪيا ويڳاڻا ماڻهو ۽ اقتداري سياست جي بند گهٽي

0
270
وڻجارو ويو هليو

   ان ڏينهن ڪنهن ڪچهريءَ ۾ هڪ پڙهيل لکيل دوست اها پراڻي چوڻي دهرائي ته وقت جي اها سٺي ڳالهه هوندي آهي ته اهو ساڳيو نه رهندو آهي.وقت تبديل ٿيندو رهندو آهي. سندس اهڙي ڳالهه تي ان وقت به ۽ هاڻي جڏهن اها ڳالهه ياد ڪري رهيو آهيان ته مون ٿڌو ساهه کڻندي چيو هو ڪاش سنڌ جي تقدير سان به اها چوڻي ٺهڪندڙ هجي ها ته سنڌ هن وقت گهڻو ڪجهه بدليل هجي ها. دور ڀلي ڪهڙو به هجي ڪنهن آمر جو دور هجي يا ڪنهن جمهوريت جو دور هجي پر سنڌ جي قسمت ڪڏهن نه بدلجي سگهي آهي. سنڌ جي خوشحالي ۽ ترقي جي دعويٰ سنڌ جو اقتداري ڀوتار هميشه ڪندو رهيو آهي پر دراصل اها ان محدود ايليٽ ڪلاس جي ترقي خوشحالي هوندي آهي جنهن جا چند سئو ڀوتار ميمبر هوندا آهن.سنڌ جي اقتدار تي ان ئي ڀوتار ڪلاس جو ڪنٽرول هوندو آهي جيڪو پنهنجي هارين قبيلن يا راڄن کي ميڙي چونڊي ايئن اڳيان ووٽر ڪري بيهاريندا آهن پر دراصل اهي سندن ابن ڏاڏن کان غلام هوندا آهن. انهن هارين کي جنهن ڀوتار جي ڏاڏي ستر واري ڏهاڪي ۾ ايوب خان جي شڪار جي تڙ ڪرڻ لاءِ ڪچي ۾ تتر اڏارڻ جي ڊيوٽي ڏني هئي اهو ڀوتار هاڻي پڙهيل لکيل  آمر پرويز مشرف جا هٿ ڌورائڻ کانپوءِ هينئر بلاول ڀٽو زرداري اڳيان پينٽ شرٽ پائي ٽريڪٽر مارچ ۾ اهي هاري وٺي ٿو اچي جن جي وڏڙن کان ايوب خان جي تترن جي تڙ ڪرائيندا هئا.

سنڌ جي مخصوص جاگيردارن تي ٿوري نظر ڦيرائيندا ته توهان کي معلوم ٿي ويندو ته انهن ڪيئن نه شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي جلاوطني دوران اڳوڻي آمر جنرل پرويز مشرف جي ڪيمپ ۾ وڃي نعرا هنيا ۽ پنهنجي پٽن پوٽن ڀائٽين سئوٽن کي ضلعي يا تعلقي ناظم بڻائي اهي فنڊ ذاتي مقصدن لاءِ استعمال ڪيا جيڪي فنڊ جنرل پرويز مشرف کين سياسي رشوت طور ڏئي رهيو هو. انهن فنڊن جو تمام گهڻو تعدا جنرل پرويز مشرف به ايئن ڪراچي جي ميئر مصطفيٰ ڪمال کي ڏئي رهيو هو جيئن هاڻوڪي وزيراعليٰ سيد مراد علي شاهه جي حڪومت مرتضيٰ وهاب معرفت ڪراچي ۾ منصوبن مٿان منصوبا ڏئي رهي آهي. جنرل پرويز مشرف جي دور وارن منصوبن توڙي هاڻوڪن منصوبن ۾ فرق صرف ايترو آهي ته اهي اڳ ۾ به ڪراچي جي ترقي تي استعمال ٿي رهيا هئا ۽ هينئر به ٿي رهيا آهن پر  باقي شهرن ۾ اهي اڳي به غلط استعمال ٿي رهيا هئا ۽ هينئر به غلط استعمال ٿي رهيا آهن. توهان کي چڱي طرح ياد هوندو ته جنرل پرويز مشرف جي دور ۾ سنڌ جي اڪثر اقتداري وڏيرن ڀوتارن کي پنهنجا مرحوم ابا ڏاڏا ياد اچي ويا هئا ۽ انهن مختلف ننڍن وڏن شهرن اڳيان انهن جي نالي سان وڏا وڏا دروازا سرڪاري خرچ تي تعمير ڪرايا هئا.جن مان ڪجهه ته هينئر به ظاهر آهن ۽ توهان کي نظر اچي ويندا.

جيئن پرويز مشرف جي دور ۾ سرڪاري خرچ سان ڀوتارن جي ابن ڏاڏن جي نالن سان منسوب دروازا يا باب فلاڻو خان تعمير ٿيا ايئن ئي هاڻي به مختلف شهرن ۾ اهڙا دروازا سرڪاري فنڊن مان تعمير ٿي رهيا آهن.جن مان هڪ ٽنڊوالهيار واري دروازي تي هلندڙ ڪم کي  ته عدالتي حڪمن تحت بند ڪرايو ويو آهي. آمريتي دورن ۾ آيل نون منصوبن جو جيئن غلط استعمال اهي اقتداري ڀوتار ڪندا رهيا تيئن ئي هاڻي جمهوري دور ۾ منصوبن جو غلط استعمال ڪري رهيا آهن. سنڌ جي مختلف شهرن کي سولر منصوبن تحت روشن ڪرڻ واري روشن سنڌ منصوبي کي ئي ڏسو ته ڪروڙين اربين روپيا خرچ ڪرڻ جي باوجود سنڌ جا اهي شهر اڃا تائين اونداهي ۾ ٻڏل آهن. ان جي ڀيٽ ۾ توهان ڪراچي کي يا لاهور کي ڏسندا ته اهي شهر آمريت هجي يا جمهوريت ڏينهون ڏينهن ترقي ڪندي ملندا. لاهور جهڙو صاف سٿرو ۽ گلن ٻوٽن سان سائو شهر توهان کي سنڌ ۾ ڪراچي سميت ڪٿي به ڏسڻ ۾ نه ايندو. پر ان جي باوجود ڪالهوڪي ڪراچي کان اڄوڪي ڪراچي وري به بهتر نظر ايندي.ڪراچي ۾ جيڪڏهن جماعت اسلامي جو نعمت الله اچي ٿو ته اهو به شهر جي ڀلي لاءِ ڪم ڪري ٿو ۽ جيڪڏهن ايم ڪيو ايم جو مصطفيٰ ڪمال اچي ٿو ته اهو به شهر جي وڌ کان وڌ ترقي لاءِ ڪم ڪري ٿو. ايئن ئي پيپلزپارٽي جو مرتضيٰ وهاب ملندو ته اهو به ڪراچي لاءِ ڪم ڪندي ملندو.ٻيو ته ڇڏيو هاڻي ته سنڌ جي وزيراعليٰ سيد مراد علي شاهه جو به سمورو فوڪس ڪراچي تي آهي.جيڪو پاڻ کي فخر سان ڪراچي ڄائو سڏائيندو آهي ۽ پنهنجي جنم ڀومي ڪراچي سان ايترو پيا رڪندو آهي جو ان جا اجڙيل باغ  رات پيٽ ۾ گلن ٻوٽن سان ٽمٽار ڪرائي ڇڏيندو آهي. صدر واري علائقي ۾ جيڪو باغ اونداهي ۾ هيروئنين حوالي هوندو هو سو باغ سيد مراد علي شاهه اهڙو ته بهتر بڻائي ڇڏيو جو هاڻي پريمي جوڙا ۽ ٽڪ ٽاڪر وڃي وڊيوز پيا تيار ڪن.

پر افسوس جهڙي ڳالهه اها ٿي آهي ته سنڌ جي باقي شهرن وارن اقتداري ڀوتارن ۾ پنهنجي پنهنجي  شهرن سان اهڙو پيار  وارو جذبو اڀري نه سگهيو آهي ۽ اهي هينئر به اهڙيون روايتي اقتداري اٽڪلون ڪري رهيا آهن جيڪي سندن ابا ڏاڏا اڳوڻي آمر  ايوب، اڳوڻي وزيراعظم شهيد ڀٽي ۽  اڳوڻي آمر صدر پرويز مشرف وارن دورن ۾ دهرائي چڪا آهن. جنهن جو تازو مثال سنڌ ۾ ٿيل مختلف ضلعن جي ايس ايس پيز ۽ ڊي سيز جون بدليون آهن.يعني انهن ضلعن جا اقتداري ڀوتار پنهنجي پنهنجي من پسند آفيسرن کي پنهنجي ضلعن ۾ مقرر ڪرائڻ لاءِ وڃي وزيراعليٰ هائوس ويٺا ته اسان کي هي نه پر هي آفيسر مقرر ڪري ڏيو. اقتداري سياست جي ان ڊوڙ  ۾ هاڻي ته اقتداري سياستدان عورتون به اهڙي ڊوڙ ۾ ايتري زور سان شامل ٿيون آهن جو اتر سنڌ جي هڪ ضلعي جي عورت سياستدان پنهنجي ضلعي جي ڊپٽي ڪمشنر کي واضح پيغام موڪليو ته منهنجو ڪم نه ڪندين ته ضلعي ۾ ڊي سي آفيس ۾ گهڻو وقت ويهي نه سگهندين ۽ ٿيو  به ايئن ته ان ڊي سي کي هفتن اندر بدلي ڪرائي هن عورت سک جو ساهه کنيو.

ايئن ئي پنهنجي راڄ جي لوفرن مان ڦاٿل هڪ سردار وڃي وزيراعليٰ کي دانهن کي ڏني ته فلاڻو ايس پي مقرر ڪري ڏي ته لوفر ڇورن مان اسان جي جان ڇٽي ۽ ان فلاڻي ايس پي اچڻ شرط ڀوتار جي بنگلي جي حاضري ڀري ۽ ان رات ئي ڀوتار جي ڏنل لسٽ موجب ٽن ڇورن کي هاف فرائي ڪري سردار جي سر جي سلامي پيش ڪئي. سوال اهو آهي ته سنڌ جي اقتدار جو اهو گول چڪر آخر ڪيستائين انهن ئي ڀوتارن جي چند خاندانن جي آسپاس ڦرندو رهندو. ان جو سادو جواب ته اهو ٿي سگهي ٿو ته جيستائين سنڌ جي اقتداري سرڪل ۾ مڊل ڪلاس جي ڪا نمائنده جماعت اڀري نه ايندي تيستائين سنڌ مٿان اقتداري ڀوتارن جي سرڪ جو ئي راڄ جاري رهندو ڀلي ته اهو دور آمريت وارو هجي يا جمهوريت وارو.پر اها نمائنده جماعت ڪيئن ۽ ڪڏهن اڀري ايندي. سنڌ جي اها سياسي  بدقسمتي رهي آهي ته اقتداري سياست واري راند ۾ سنڌ جون ترقي پسند قومپرست ڌريون هميشه پري پري رهيون آهن جنهن جو فائدو وچان ئي وچان جمودي سياست ڪندڙ ڌرين کي پئجي ويو آهي.

سنڌ جي مڊل ڪلاس قيادت هميشه ڪوشش ڪئي آهي ته پنهنجو پاڻ کي هڪ پريشر گروپ تائين محدود رکي جنهن جو اليڪشن مهل  اڳي پوءِ فائدو وري به پيپلزپارٽي يا ڪنهن ٻي مذهبي جماعت کي ٿي ويندو آهي. ان جو ننڍڙو مثال ته سنڌ جي عوام ۾ قومپرستي جو جذبو اڀارڻ ۾ وڏي ۾ وڏي ڪردار سنڌ جي قومپرست ترقي پسند ليکڪن سياسي ڪارڪنن عورتن مردن جو رهيو آهي پر اهي سدائين جيلن يا ٽارچر سيلن ۾ رهيا ۽ قومپرستي جي بنياد تي ووٽ وري به پيپلزپارٽي يا وري مذهبي جماعتون وٺي رهيون آهن. جيئن تازو ئي ٽنڊو الهيار واري واقعي مهل ڏسڻ ۾ آيو ته هڪ طرف ماڻهن پيپلزپارٽي جي مرتضيٰ وهاب جا سنڌي ٽوپي وارا فوٽو هلايا ته ٻئي طرف مذهبي جماعتن جي اڳواڻن به اهڙا فوٽو شيئر ڪرڻ شروع ڪيا.هاڻي ته مذهبي جماعتن جا اڳواڻ به سنڌي ٽوپي پائي وسيم اختر کي جواب ڏئي رهيا هئا. اها اقتداري راند ايئن ٿي وئي آهي جيئن چوڻي آهي ته ڌڪ جهلي ڀولڙي ۽ کٽيو کائي فقير..نيٺ ڇا ٿيندو وارو سنگتيءَ جي سوال تي مون اهوئي جواب ڏنو ته جيستائين فقير پنهنجي سياسي پورهئي جي مالڪي پاڻ نه ڪندا تيستائين سنڌ ۾ اقتداري راند سياسي ڀوتارن جي ئي هٿن ۾ هلندي رهندي.