سياسي قيادت پنهنجي ڪردار ۽ گفتار تي غور ڪري

0
231
اسلام، جمهوريت، آمريت ، فاشزم ۽ انارڪي

    ھر مذھبي ڪتاب، ديني پيشوا، استاد،والدين ۽ سماجَ ھميشه سچ، ديانتداري،  احترام، حسنِ اخلاق،  وفا، واعدن جي پاسداري ۽ اصول پسندي جو درس ڏنو آھي. انهن خصلتن جو حامل شخص ھر ڪنهن جي ساھه کي سيبائيندو آھي پر جيڪڏھن ڪو ماڻھو پيشوائيت ۽ اڳواڻي ڪرڻ جو دعويدار ھجي ته ان کان مڙيوئي اميد سرس  رکبي آھي ڇاڪاڻ ته کيس ٻين لاءِ  عمليت جو اعليٰ نمونو پيش ڪرڻو ھوندو آھي. عام شھري ۽ سندس پوئلڳ کيس رول ماڊل سمجهڻ لڳندا آھن. ھر دؤر ۾ اھڙا املھه انسان، مدبر، مصلح ۽ سياستدان پيدا ٿيندا رھيا آھن جن اصولن ۽ آدرش خاطر پنهنجي جان قربان ڪري ڇڏي ھوندي پر پوئتي نه ھٽيا ھوندا. ان جي موٽ ۾ سندن اک جي اشاري تي جانثارن پنهنجيون جانيون به گهوري ڇڏيون ھونديون.

ھاڻي  ته دنيا ۾ به پر گھڻو ڪري اسان جي ملڪ ۾،  لڳي ٿو ته قحط الرجال آھي، مور سڀ  مري ويا آھن ۽ صرف ڪوڙن ڪانگيرن جو راڄ لڳو پيو آھي اھا ٻي ڳالھه آھي ته ھن ملڪ ۾ حڪومت ڪرڻ، اسيمبلين ۾ چونڊجي اچڻ،وڏن سرڪاري عهدن ماڻڻ ۽ ملڪ جي وسيلن کي جائز ۽ ناجائز طريقن سان لٽڻ، ڦرڻ ۽ اٻوجھه عوام کي غلامي جي زندگي گهارڻ تي مجبور ڪرڻ جو استحقاق ھڪ مخصوص طبقي کي حاصل آھي. اھو طبقو پير،  مير، سيد،  چوڌري، نمبردار، وڏيري، خانصاحب،  خانبهادر، رئيس، ملڪِ، خان، شاھوڪار ۽ صاحبزادگان تي مشتمل آھي. انسانيت جيئن جيئن علم ۽ فضل ۾ اڳڀري ٿي ته ھر ڪرت ۽ ڪردار لاءِ ڪجھه قاعدا ۽ معيار به مقرر ڪيا  جنهن ۾ سياسي قيادت ڪرڻ لاءِ به ڪجھه  ويليوز يا قدر مقرر آھن. انهن  قدرن ۾  ديانتداري، ٻين تي ڀروسو ڪرڻ، پاڻ کي سڃاڻڻ، عوام سان رابطي ۾ رھڻ،  مڃوتي ڪرڻ، سرگرم رھڻ، قابلِ تقليد ھجڻ، ھمدرد ھجڻ،  با ھمت ھجڻ ۽ ٻين جي عزت ڪرڻ سميت ڪافي گڻ شامل آھن. عام تاثر آھي ته اسان جا اڳواڻ نه ته ديانتدار رھيا آھن نه ڪنهن سان ھمدردي اٿن. عزت ته ھو پنهنجي  سياسي قبيلي ۾ موجود مخالفن  جي به نٿا ڪن ته ڪنهن غريب کي ڪهڙيون پڳون ٻڌائيندا. ڪيل واعدن ۽ معاھدن تان ڦري ويندڙن اڳواڻن تي ڪير ڀروسو ڪندو!؟

آئي ايم ايف جي اڻ ٽر شرطن ۽ ملڪ جي انتهائي تنگدست معاشي حالت سبب حڪومت، اپوزيشن ۽ اقتدار ۾ شريڪ سڀ ڌريون اڻ اعلانيل طريقي سان ان ڳالھه تي متفق ھيون ته مِني بجيٽ به منظور ڪرڻي پوندي ۽ اسٽيٽ بينڪ کي آزادي ڏيڻ جو بل به منظور ڪرڻو پوندو ۽ اھو سڀ ڪجھه ٿيندي ئي سڀني ڏٺو ته آئي ايم ايف بهادر ھڪ ارب ڊالر جي ڇهين قسط جي منظوري به ڏيئي ڇڏي پر  صرف عوامي ھاضمي لاءِ اپوزيشن کي متضاد بيان ڏيئي اٻوجھه سمجهيل عوام جي اکين ۾ ڌوڙ وجهڻي ھئي ته ھو سمجهن ته ( اپوزيشن) ڪو سندن ھمدرد آھي ۽ قومي سلامتي جي رکوالي به آھي. اھو سچ آھي ته اِھي صرف ھاٿي جا ڏيکارڻ وارا ڏند ھئا. ان وچ ۾ ٿوري دير لاءِ فرض به ڪري وٺجي ته واقعي ڪو غريبن جو ڀرجهلو ٿيڻ جو سوچي به رھيو ھو ته به اسان وٽ ھڪ ٻه حوالا يا  اسم اھڙا آھن جتي سڀ اٺ بيوس ٿي بار ڦٽو ڪندا آھن ۽ اھي حوالا آھن رياستي ضرورت ۽ قومي مفاد!! ڏيوالو نڪرڻ جي ڪنڌي تي پهچايل ملڪي معيشت کي سهارو ڏيڻ لاءِ نا اھل حڪومت جي گناھه جو بار عوام، مخالف ڌر ۽ رياست کي گڏجي  ھر صورت ۾ کڻڻو ھو.

انهي صورتحال ۾  سرڪار سڳوري  ته کڻي قومي اسيمبلي ۾ به آمراڻو طريقو اختيار ڪيو پر مخالف ڌر به رڳو رسمي مخالفت ڪري سڄو عمل آرام سان مڪمل ٿيڻ ڏنو. سينيٽ ۾ جيئن ته مالياتي بل جي منظوري لاءِ ووٽنگ ڪرڻي نه ھئي پر اسٽيٽ بينڪ بابت قانونسازي تي منظوري وٺڻ ضروري ھئي. اھا حقيقت ته سينيٽ ۾ مخالف ڌر اڪثريت ۾ آھي ان ڪري ”ويچارا“ اچي ڦاٿا ته قانون منظور به ڪرڻو آھي ۽ مخالفت ۾ ڊاڙون به خوب ھڻڻيون آھن. اھو ڪم ڪرڻ لاءِ ايتري عقل جي ضرورت ھئي جيتري ڪنهن امتحان ۾ نقل ڪرڻ لاءِ ضروري ھوندي آھي پر مخالف ڌر وارا صفا ڪي سادا نڪتا. ھڪ ووٽ تان شڪست کائڻ جو شوق پورو ڪرڻ لاءِ مخالف ڌر جي اڳواڻ ۽ ھر لحاظ سان قدآور شخصيت سيد يوسف رضا گيلاني جو ئي غير حاضر رھڻ ضروري ته نه ھو، ڪو ھڪڙو ٻيو بيڪ بينچر آساني سان غائب ٿيڻ جي ”دلاوري“ ڪري پيو سگهي. چڱو ڀلا ايئن نه ٿيو ته به قيامت ته اھا ساڳي آئي جيڪا ھر حال ۾ اچڻي ھئي يعني بل منظور ٿيڻو ھو. ميچ فڪس ھجي ته پوءِ ايترو گوڙ ڪنهن با اصول رضا رباني ۽ مصطفا نواز کوکر کي به نه ڪرڻو ھو ۽ نه وري ملتاني مرشد،گيٽ فور واري شيخ ۽  چوڌري  جهڙن مڃيل لوٽن کي به بد زباني ڪرڻ جي ڪا ضرورت  ھئي.

شاھه محمود قريشي ھڪ وڏي گادي جو جانشين دعا پِٽِ وارو پير سمجهيو ويندڙ  سان گڏ موجوده وزير خارجه به آھي ته خود گيلاني صاحب جي سابق ڪابينه ۾ به ساڳئي منصب جو منصبدار پڻ. پر جڏھن سينيٽ ۾ ھن صاحب اپوزيشن ليڊر جي اعلانيل استعيفا ۽ ان کان پوءِ بلاول ڀٽوزرداري طرفان استعيفا نه قبولڻ جي صورت ۾ گيلاني صاحب جي ايوان ۾ مؤجودگي تي تنقيد ڪندي ڳالهايو ته ھو پنهنجي مقام تي ڪنهن طرح به نظر نه آيو. فلمن وانگر ڊائلاگ ھڻندي انتهائي طيش ۾ اچي فرمائڻ لڳا ته،“گيلاني ويڪائو ۽ استعيفا ڊرامو آھي، يوسف رضا استعيفا جو ڪوڙ ڳالهايو آھي، اپوزيشن ليڊر ٿيڻ وقت به ڪوڙ ڳالهايو ھو ته اپوزيشن ليڊر نه ٿيندس. اپوزيشن ليڊر نواز ليگ جو ٿيڻو ھو،گيلاني ڪيئن ٿيو؟ ھن ووٽ خريد ڪيا نواز ليگ سان ڌڪ ٿيو ۽ اڳتي به ڌڪ ٿيندو. گيلاني ٻين کي سينيٽ ۾ گھرائي پاڻ نه آيو، مٿس اعتبار نٿو ڪري سگهجي.” وزير موصوف ته حد ڪري ڇڏي پر عوام کي شڪ ٿيو ته ڇا اھڙا ٿيندا آھن قومي اڳواڻ ۽ رول ماڊل !!؟ پر تصوير جو ٻيو رخ به فخر لائق ڪونهي.

پي ڊي ايم کي صف بندي ڪرڻ لاءِ ميزباني کان وٺي ان جي قيام جو اعلان ڪرڻ تائين جو ڪارنامو پي پي پي چيئرمين پاڻ سر انجام ڏنو. پوءِ جڏھن سينيٽ ۾ گيلاني صاحب جي چونڊ جو مرحلو آيو ته سڀني اتحادي پارٽين ووٽ ڏيئي کيس ڪامياب ڪرايو. واعدي ۽ معاھدي مطابق سينيٽ ۾ اپوزيشن جو اڳواڻ ن ليگ مان ۽ چيئرمين گيلاني صاحب کي ٿيڻو ھو.  پنهنجي نالائقي چئجي يا ڏاڍن جي ڏاڍائي ليکجي،  سينيٽ جو چيئرمين بلوچستان مان ساماڻل “ باپ” پارٽي جي وڏن جو نمائندو صادق سنجراڻي چونڊجي ويو. اھا ٻي ڳالھه آھي ته بلوچستان واري باپ پارٽي جي پيدائش جي دائپي ۾  پي پي پي جي وڏي جو به  حصو ھو. پاڪستان ۾  سياست به عجيب بي اصولي جو کيل آھي.  ان انجنيئرڊ شڪست کان پوءِ ساڳيو گيلاني صاحب وري باپ ۽ دلاور گروپ جي مدد سان ليڊر آف دي اپوزيشن چونڊجي ويو ۽ پي ڊي ايم ويچاري حقيقت ۾ الله کي پياري ٿي ويئي. پي ڊي ايم جي حقيقي موت ۾ شاھد خاقان عباسي ۽ مولانا صاحب وارن جواب طلبي جي نوٽيسن کان به وڌيڪ آصف زرداري جي ان بيان ڪمال ڏيکاريو جنهن ۾ موصوف پي ڊي ايم جي اجلاس دؤران نواز شريف کي واپسي ۽ قوم جي اڳواڻي ڪرڻ جي صلاح ڏني ھئي. اھو محض اتفاق نه ھو ته پي ڊي ايم جي خالق جماعت ان اتحاد جي ڪمزوري جو سبب به ٿي. اھي آھن سياست جون ستمگريون، پوءِ ڀلا ڪردار جي ڪمزور ۽ ڪمٽمينٽ تي پورو نه لهندڙ پارٽي ۽ ان جي اڳواڻن تي ڀروسو ڪير ڪندو؟

اصولي ڳالھه اھا ھئي ته سيد يوسف رضا گيلاني جي ته اھا شخصيت آھي جنهن پنهنجي پارٽي جي مؤقف خاطر وزارت عظميٰ  به قربان ڪري ڇڏي ھئي ان لاءِ سينيٽ ۾ مخالف ڌر جو اڳواڻ ٿيڻ ڪا ايڏي وڏي اعزاز جي ڳالھه نه ھجڻ گھرجي ھا. ھڪ طرف اپوزيشن جماعتن جوھڪ ٻئي سان اھو رويو آھي ته ٻئي طرف ھڪٻئي جي آڌار تي ڪڏھن ڪنهن بل جي منظوري کي روڪڻ جي ڳالھه ٿا ڪن ته ڪڏھن ڪنهن بي اعتمادي جي رٿ جي ٻٽاڪ ٿا ھڻن پر نه ڪڏھن ڪنهن بل کي روڪي سگهيا نه وري ھڪ ناڪام بي اعتمادي واري رٿ کان سواءِ ڳالھه اڳتي وڌي. موجوده حڪومت حڪمراني جي ھر شعبي ۾ حد کان وڌيڪ ناڪام رھي به حاوي نظر اچي ٿي. وزيراعظم عهدي سنڀالڻ کان وٺي اڄ تائين ساڳي تقرير کي دھرائيندي،  جنهن ۾  ھو چور، لٽيري، ڊاڪو ۽  ڀڳوڙن جهڙن لقبن سان نوازيندي اپوزيشن کي  لڳ ڀڳ چئن سالن کان داٻي ۾ رکندو اچي.

سندس اھو ورد به جاري آھي ته “اين آر او نهين دون گا ”. شايد کيس اڄ تائين ڪنهن درست ڪرڻ جي ڪوشش ئي نه ڪئي آھي ته اين آر او ڏيڻ جو وٽس اختيار آھي ئي ڪونه. پي ٽي آئي حڪومت  ميڊيائي تشھير ۽ پروپيگنڊا ڪرڻ ۾ نه صرف نوان ٽرينڊ متعارف ڪرايا پر مورڳو اخلاقيات ۽ شائستگي جو حدون به پار ڪيون۔ گوئبلز وارو انداز اختيار ڪندي ڊسڪا جهڙي ڍونگ، مهانگائي جهڙي موت، اقتصادي اوڻاين، ضمني توڙي ڪي پي  جي مڪاني چونڊن ۾ شڪستن ۽ فارين فنڊنگ ڪيس جهڙن ڪوڙن کي ڪارنامن جي روپ ۾ پيش  ڪرڻ جو ڪم ڪندي ڪٿي به زبان اٽڪين ئي نٿي، يعني ڪوڙ ايترا دفعا ڳالهائجي جو اھو سچ سمجهڻ لڳجي. مخالف ڌر ايترين ڪمزورين کي ڪيش ڪرائڻ بدران ميڊيا تي رڳو پنهنجي صفائي پيش ڪرڻ ۾ پوري آھي پوءِ به پوئتي رھجي وئي آھي ۔

جنهن ملڪ ۾ عدالتن جي فيصلن تي آڱريون کڄن،  اعليٰ عدليه جا جج به انصاف نه ملڻ جي شڪايت ڪندا ھجن، جتي عدالتي فيصلا سالن تائين محفوظ رکي مناسب موقعن تي ٻڌائجن، جتي ريٽائرمينٽ جي آخري ڏينهن تي وڏا فيصلا ٻڌائجن، جتي خود ججن جي مقرري ۽ ترقي لاءِ ڪو ھڪ طريقه ڪار نه ھجي، جتي بني گالا ھائوس بچائي نسلا ٽاور ٽوڙجن، جتي جج ۽ بيوروڪريٽ مهانگن پلاٽن جا مستحق ھجن( اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ جو فيصلو شل اپيل جي مرحلي مان به پار پوي)  جتي مسئلو ھٿ وٺي پيدا ڪري عوام کي الجهائجي اتي ساک واري سياسي قيادت جي ضرورت شدت سان محسوس ٿيندي آھي.

ملڪ جي وڏين سياسي پارٽين ۽ انهن جي قيادت کي جيڪي ملڪ پاڪستان کي حقيقي معنيٰ ۾ وفاقي، پارليماني ۽ جمهوري اسلامي ملڪ طور قائم رکي جمهور جي مرضي جو راڄ قائم ڪرڻ چاھين ٿا، انهن کي گهرجي ته ٻه نه چار پنج قدم اڳتي وڌي عوامي اعتماد ۽ اعتبار بحال ڪن. جهڙي طرح حڪومت ڪوڙا دلاسا ڏئي وڏيون وڏيون دعوائون ڪري مايوس ڪيو آھي تهڙي طرح ن ليگ، پيپلز پارٽي ۽ اي اين پي جهڙين جمهوري جماعتن به مٽي جي مخلوق کي رڳو آسري  ۾ رکيو آھي ۽ عملي طرح ثابت قدمي، ديانتداري ۽ اعتماد جوڳي قيادت ميسر نه ڪئي آھي. جمهوريت جي مضبوطي صرف مضبوط قيادت واريون مضبوط سياسي جماعتون مهيا ڪري سگهن ٿيون ۽ انهن خصلتن جي کوٽ سبب ملڪ 74 سالن جي تجربن کان پوءِ به اڻ ڏٺل راھن تي رلي رھيو آھي جتي خود حڪومت، پارليامينٽ ۽ عدليه کي پنهنجي پنهنجي حدن جو احساس ڪونهي. ان وايو منڊل ۾ سڀ کان پهريائين سياسي قيادت پنهنجي ڪردار، گفتار، افڪار ۽ عمل تي نظرثاني ڪري ڇو ته ملڪ ۽ قوم جو ان ۾ ئي ڀلو آھي.

[email protected]