وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله گرفتاري وارنٽس کي چيلينج ڪري ڇڏيو

0
141
ننڍي چونڊ ۾ ن ليگ کي شڪست

راولپنڊي: وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله گرفتاري وارنٽس کي چيلينج ڪري ڇڏيو، وارنٽس واپس وٺڻ جِي استدعا ڪئي وئي آھي، عدالت طرفان نئين درخواست داخل ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وئي

راڻا ثناءُ الله راولپنڊي جي عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو آهي ته اينٽي ڪرپشن ٽيم غلطي بياني جي آڌار تي سندس گرفتاري وارنٽس جاري ڪرايا، جاچ آفيسر غلط بياني ڪئي ته گهرو وزير روپوش آهي، عدالت وارنٽس رد ڪرڻ جو حڪم ڏئي

راولپنڊي جي عدالت ڪرپشن ڪيس ۾ راڻاثناءُ الله جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا هئا، اينٽي ڪرپشن پنجاب جي ٽيم لاڳيتو ٻن ڏينهن کان راڻا ثناءُ الله جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هڻي رهي هئي

ھي به پڙھندا

نومبر ۾ پنجاب اندر مسلم ليگ ن جي حڪومت هوندي: حنيف عباسي

اسلام آباد :عدالت طرفان شهباز گِل کي سموريون شيون واپس ڪرڻ جو حڪم