وفاقي حڪومت ڇهين ناڻي واري سيڪريٽري کي به تبديل ڪري ڇڏيو

0
227
وزيراعظم وفاقي ڪابينا

اسلام آباد (م ڊ) حڪومت ڇهين ناڻي واري سيڪريٽري کي تبديل ڪري يوسف خان جي جاءِ تي گريڊ 21هين جي آفيسر حامد يعقوب شيخ کي ايڊيشنل سيڪريٽري انچارج فنانس ڊويزن مقرر ڪري ڇڏيو

وزيراعظم جي منظوري بعد اسٽيبلشمينٽ ڊويزن سينٽرل سليڪشن بورڊ ۾ ترقي ماڻيندڙ آفيسرن جا نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ شروع ڪيا ويا آهن، پاڪستان ائڊمنسٽريٽو سروس جي 7، سيڪريٽريٽ گروپ جي 5 ۽ ڪسٽم گروپ جي 7 آفيسرن کي گريڊ 21 ۾ ترقي ڏني وئي آهي، ترقي يافته آفيسرن ۾ چيئرمين سي ڊي اي ۽ چيف ڪمشنر اسلام آباد عامر علي احمد به شامل آهن، جڏهن ته سيڪريٽري ناڻو يوسف خان سوڌو ٽن سيڪريٽريز کي تبديل ڪيو ويو آهي.