مورو: نجي اسڪول تي مبينا حملو، 7ڄڻا زخمي

0
353
مورو: نجي اسڪول

مورو (رپورٽر) مورو شھر جي گچيرو روڊ تي قائم اينڪر انسٽيٽيوٽ دي پبلڪ اسڪول تي مبينا طور سوهو ۽ زرداري برادري جي ماڻهن پاران حملو ڪيو ويو

فائرنگ بعد اسڪولي شاگردن سميت شهر ۾ خوف پکڙجي ويو، جڏهن ته حملي ۾ اسڪول جو سي او عبدالعزيز ڀٽو، صدام ڀٽو، نعمان ڀٽو، جنيد ڀٽو، رضا علي، ڊاڪٽر عبدالعظيم ڀٽو ۽ پٽيوالو سبحان سومرو زخمي ٿيا

اھڙي واقعي بعد پوليس پهتي، پوليس جو چوڻ آهي ته جاچ شروع ڪئي وئي آهي، اسڪول تي ٿيل حملي جو سيشن جج نوشھروفيروز نوٽيس وٺي ڇڏيو، ايڊيشنل سيشن جج مورو کي مڪمل تفصيل وٺي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.