وطن لاءِ جان جي قرباني کانسواءِ ٻي ڪا به وڏي قرباني ناهي: آرمي چيف

0
222
پاڪ فوج سياست کان پري ٿي چڪي
=

ڪراچي(م ڊ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته اسان ملڪ جي امن ۽ استحڪام لاءِ پنهنجن آفيسرن ۽ جوانن جي قربانين جا قرضي آهيون.

آءِ ايس پي آر موجب جي ايڇ ڪيو راولپنڊي ۾ هڪ ايوارڊ تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه مختلف ڪاررواين ۾ بهادري ۽ شاندار ڪارڪردگي ڏيکارڻ تي جوانن کي انعام ڏنا.

 آءِ ايس پي آر موجب تقريب ۾ اعليٰ فوجي آفيسرن ۽ اعزاز حاصل ڪندڙن جي خاندانن شرڪت ڪئي، ان دوران  47 آفيسرن کي ستاره امتياز ملٽري، 6 آفيسرن ، 7 جي سي اوز ۽ 12 فوجي جوانن کي تمغه بسالت سان نوازيو ويو، شهيدن جا ميٽلز انهن جي گهر وارن وصول ڪيا.

آرمي چيف شهيدن ۽ غازين کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته اسان جا جوان ۽ آفيسرز حقيقي هيرو آهن، سپاهين ۽ آفيسرن جي قربانين جي ملڪ ۾ امن آيو، مادر وطن لاءِ جان جي قرباني کانسواءِ ٻي ڪا به وڏي قرباني ناهي، اسان جي شهيدن جون قربانيون ضايع نه ٿينديون.