واٽس ايپ، فيس بڪ ۽ انسٽا گرام جي سروسز ڇو متاثر ٿي؟

0
399
واٽس ايپ، فيس بڪ

ڪراچي(م ڊ) پاڪستان سوڌو سڄي دنيا ۾ واٽس ايپ، فيس بڪ ۽ انسٽا گرام جي سروسز متاثر هجڻ تي لکين صارفين کي مشڪلاتون پيش آيون.

فيس بڪ ۽ واٽس ايپ واضح طور تي ايپليڪيشنز جي بندش جو سبب نه ٻڌايو، پر ماهرين طرفان مختلف ڪارڻ ٻڌايا پيا وڃن.

ماهرين جو چوڻ آهي ته فيس بڪ ويب نظام ۾ تبديلي جي ڪري مسئلو پيدا ٿيو، فيس بڪ بارڊر گيٽ وي تي پروٽوڪول ۾ ڪيتريون ئي تبديليون ڪيون هيون جنهن جي ڪري فيس بڪ انٽر نيٽ مان غائب ٿي ويو.

واٽس ايپ، فيس بڪ ۽ انسٽا گرام ٽئين سروسز گڏيل انفراسٽرڪچر تي ڪم ڪن ٿيون جنهن جي ڪري هڪ سروس۾ خرابي جي ڪري ٽئين سرورسز هڪ ئي وقت ۾ متاثر ٿين ٿيون، جڏهن ته ٽنهي سروسز جي ملڪيت فيس بڪ وٽ آهن.

7 ڪلاڪن کانپوءِ پاڪستان سوڌو واٽس ايپ، فيس بڪ ۽ انسٽا گرام جي سروسز بحال ٿي چڪيون آهن.

واضح رهي ته سڄي دنيا ۾ سوشل ميڊيا ايپليڪيشن جي سروسز گذريل رات پاڪستاني وقت موجب رات ساڍي اٺ وڳي متاثيو هيون، ٽويٽر سماجي رابطن واري وڏي ويب سائيٽ هئي جيڪا بحال رهي جنهن تي صارفين پنهنجي مايوسي جو اظهار ڪري رهيا هئا.

 

ھي به پڙھندا

 

سڄي دنيا ۾ واٽس ايپ، فيس بڪ ۽ انسٽاگرام جي سروس ڊائون