وزيراعظم پاران اليڪشن جي تاريخ ڏيڻ وارو عمران خان جو الٽيميٽم رد

0
164
عمران خان جو الٽيميٽم رد
وزيراعظم پاران اليڪشن جي تاريخ ڏيڻ وارو عمران خان جو الٽيميٽم رد

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف اليڪشن جي تاريخ ڏيڻ وارو پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جو الٽيميٽم رد ڪري ڇڏيو

قومي اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي شهباز شريف چيو ته عمران نيازي تنهنجي ڊڪٽيشن نه هلندي، اليڪشن جي تاريخ جو فيصلو ايوان، حڪومت ۽ اتحادي ڪندا

هن چيو ته ڳالهين جا دروازا کُليل آهن ۽ مان هڪ ڪميٽي به جوڙي سگهان ٿو، پر ڪنهن جٿي جي سربراهه جي ڌمڪيءَ تي چونڊون نه ڪرائينداسين

شهباز شريف چيو ته گذريل ڏينهن هڪ صوبي پاران وفاق تي حملو ڪيو ويو، ايوان ڪالهوڪن واقعن خلاف مذمتي ٺهراءُ منظور ڪري، ان سوال جو جواب ملڻ گهرجي ته هي ڊراما ڪيستائين هلندا؟