ورلڊ ڪپ: 402 رنز جي جواب ۾ پاڪستان هڪ وڪيٽ تي 160 رنز ٺاهي ورتيون، ميچ برسات سبب روڪي وئي

0
121

آءِ سي سي ون ڊي ورلڊ ڪپ جي 35هين ميچ ۾ پاڪستان نيوزيلينڊ جي 402 رنسن جي حدف جي جواب ۾ هڪ وڪيٽ جي نقصان تي 160 رنسون ٺاهي ورتيون، پر برسات سبب ميچ روڪي وئي آهي

پاڪستان 21.3 اوورن ۾ هڪ وڪيٽ جي نقصان تي 160 رنسون ٺاهي ورتيون آهن، نيوزيلينڊ 21 اوورن ۾ هڪ وڪيٽ جي نقصان تي 133 رنسون ٺاهيون هيون، پاڪستان ڊڪ ورٿ ميٿڊ تي 10 رنسون اڳتي آهي

فخر زمان 63 بالن تي 9 ڇڪن ۽ 6 چوڪن جي مدد سان پنهنجي ڪيريئر جي 11هين سينچري اسڪور ڪئي، جيڪا ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان طرفان تيز ترين سينچري آهي

نيوزيلينڊ جي اننگز:

نيوزيلينڊ جي ٽيم مقرر 50 اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 401 رنسون ٺاهيون، اوپنر ريچن رويندر 108 رنسن جي اننگز کيڏي، ڪپتان ڪين وليمسن 95 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو، جڏهن ته اوپنر ڊيون ڪانوي 35، ڊيرل مچل 29، مارڪ چيپمين 39 رنسون ٺاهيون، گلين فلپس 41 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو

پاڪستان طرفان محمد وسيم جونيئر 3، حسن علي، افتخار احمد ۽ حارث رئوف هڪ هڪ وڪيٽ ورتي