وارهه (ن پ ا) وارهه مان 3 مهينا اڳ عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا ٿيل وارهه واسي 2 ڄڻا ڪنڌڪوٽ مان بازياب، ڀنگ ڀرڻ جا چوٻول، خبر موجب 3 مهينا اڳ عورتاڻي آواز تي هرکجي ڪنڌڪوٽ مان  اغوا ٿي ويل وارهه واسي ٽريڪٽر ڊرائيور پنجل گوگاڻي ۽ 16 ورهين جو دربان تنيو بازياب ٿي گهر پهچي ويا آھن، جنهن جي بازيابي جي سندن وارثن تصديق ڪئي آھي، مغوي پنجل گوگاڻي جي وارثن موجب هنن کين ڀنگ ڀرڻ بعد بازياب ڪرايو آھي، هوڏانهن مليل ڄاڻ موجب مغوي جي وارثن پاران 10 ويسا زمين وڪرو ڪرڻ توڙي برادري طور تي چندو گڏ ڪري رقم ڌاڙيلن حوالي ڪئي وئي، جنهن بعد مغوين کي ڇڏيو ويو.