غوثپور (ن پ ا) غوثپور ۽ ڀرپاسي جي چئن مغوين سوڌو ضلعي جا 15 مغوي بازياب نه ٿي سگهيا آهن، جنهن ڪري وارثن جون عيد خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي ويون آهن، ڏيڍ  مھينو اڳ ناپر ڪوٽ ٿاڻي جي حد مان اغوا ٿي ويل غوثپو واسي منظور سولنگي جمال ٿاڻي جي حد مان اغوا ٿي ويل سردار نندواڻي، روهڙي واسي پير بخش شيخ، انور ڪوري سميت ضلعي جي مختلف علائقن مان اغوا ٿي ويل 15 مغوين کي پوليس بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي، جنهن ڪري سندن گهرن ۾ روڄ راڙو متل آهي، ان سلسلي ۾ مغوين جي وارثن رشيد سولنگي، شبير شيخ، زاهد ڪوري ۽ ٻين رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته اسان  پنھنجن پيارن جي بازيابي لاءِ ڪيترا ئي ڀيرا احتجاج ڪيا آهن پر ڪو به تدارڪ ناهي ٿيو، هنن ٻڌايو ته پوليس مغوين جي بازيابي جا روز سکڻا دلاسا ڏئي رھي آھي، جڏهن ته عملي طور ڪو به قدم نه پئي کڻي، مغوي پير بخش شيخ جي وارثن ٻڌايو ته ڏوھارين پاران موبائل فون وسيلي لکين روپيا ڀنگ طلب ڪيو ويو آهي، اسان انتھائي غريب ھجڻ سبب ڀنگ نٿا ڀري سگھون، ڀنگ نه ڏيڻ سبب ڏوهاري مغوين تي تشدد ڪري کين ايذائي رهيا آهن، هنن اختيارين کي اپيل ڪئي ته مغوين کي بازياب ڪرائي بيچيني ختم ڪئي وڃي.