خيرپور (رپورٽ: عرفان ڦلپوٽو) سيوهڻ ڀرسان روڊ حادثي جي 20 فوتين جا مڙهه اڀ ڏاريندڙ روڄ راڙي ۽ هزارين سوڳوارن جي موجودگيءَ ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيا ويا. فوتين جي جنازي نماز عيد گاهه گرائونڊ دائود ڳوٺ ۾ مولانا محمد رمضان ڦلپوٽيو پڙهائي. جنازي نماز ۾ ڊپٽي ڪمشنر خيرپور ڊاڪٽر شرجيل نور چنا سميت انتظامي عملدارن، جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي، امجد مهيسر، خيرپور جي صحافين، سول سوسائٽي، سماجي اڳواڻن، ڳوٺاڻن، مٽن مائٽن، وڪيلن، ڊاڪٽرن ۽ مختلف تنظيمن جي مرڪزي اڳواڻن سان گڏ هزارين عام ماڻهن شرڪت ڪئي. ڊپٽي ڪمشنر ڊاڪٽر شرجيل نور چنا جو چوڻ هو ته واقعو انتهائي ڏکوئيندڙ آهي، سنڌ حڪومت ۽ ضلعي انتظاميا فوتين جي پوئنيرن سان هر ممڪن سهڪار ڪندي. هوڏانهن جنازي نماز ۽ تدفين لاءِ جڏهن هڪ ئي وقت 20 معصوم ٻارڙن، ٻارڙين، عورتن ۽ مردن جا لاش کنيا ويا ته وارثن ۾ روڄ راڙو پئجي ويو، فوتين جا وارث اڀ ڏاريندڙ آنهون دانهون ڪري رهيا هئا. هر اک آلي نظر آئي. جنازي نماز بعد فوتين جا مڙهه اباڻي قبرستان لال شاهه ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيا ويا.