ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) ڪراچي جي نئين ٺاهيل ضلعي ڪياماڙي ۾ اربين رپين جي ماليت واري سرڪاري زمينن تي غيرقانوني رهائشي منصوبا ٺهڻ جو انڪشاف، انتظاميا پاران سرڪاري زمينن کي قانوني قرار ڏئي لينڊ گريبرز سان ڳٺ جوڙ ڪرڻ جي الزام هيٺ ديهه مٺڻ جي تپيدار ۽ لينڊ گريبرز خلاف انڪوائري ڪري ڪيس داخل ڪرڻ جي سفارش، ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب  ڪراچي جي نئين ٺاهيل ڪياماڙي ضلعي ۾ سرڪاري زمينن جو غيرقانوني استعمال ٿيڻ جو سرڪاري سطح تي اعتراف ڪيو ويو آهي. ان ڏس ۾ بلديه جي اسسٽنٽ ڪمشنر پاران اينٽي ڪرپشن جي لاڳاپيل اختيارين کي خط لکي سفارش ڪئي وئي آهي ته بلديه جي ديهه مٺڻ جو تپيدار سرفراز ڪٽپر ۽ ٻيا غيرقانوني هائوسنگ اسڪيم جي اجازت ۾ ملوث آهن، خط ۾ لکيو ويو آهي ته تپيدار سرفراز ڪٽپر لينڊ گريبر سان گڏجي غيرقانوني هائوسنگ اسڪيم ۾ پلاٽن کي قانوني قرار ڏنو آهي، خط ۾ معاملي جي انڪوائري ڪرائي ڪيس داخل ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي. واضح رهي ته ڪراچي جي اولهه  ۽ ڪياماڙي ضلعن ۾ اربين رپين جي سرڪاري زمينن تي غير قانوني رهائشي منصوبا اڏڻ جا اسڪينڊل ظاهر ٿيندا رهيا آهن.