نئون ديرو: مقتول جي ڀاڻيجي شهباز ڪنڀر ٻڌايو ته عدالت مان جيئن ئي ٻاهر نڪتاسين ته پوليس جي سامهون هٿياربندن فائرنگ ڪئي، جڏهن ته پوليس انهن خلاف ڪو به ايڪشن نه ورتو، جنهن بعد اسان جيئن ئي عدالت کان موٽر سائيڪلن تي جانيون بچائڻ لاءِ ڀڳاسين ته هٿياربندن پيڇو ڪري باءِ پاس وٽ فائرنگ ڪري اظهر ۽ جبار کي بيدرديءَ سان قتل ڪري ڇڏيو، هن ٻڌايو ته اڌ ڪلاڪ تائين ٻئي ڄڻا روڊ تي تڙپندا رهيا پر نه پوليس پهتي ۽ نه ئي ايمبولينس پهتي، جنهن دوران هنن تڙپي تڙپي دم ڏنو. مقتول اظهرالدين جي ڀاءُ اعجاز ڪنڀر چيو ته ظالمن اسان سان ظلم ڪري ڇڏيو آهي. هوڏانهن مقتول جبار ڪنڀر جي والد سڪندر ڪنڀر ۽ ڀاءُ الطاف ڪنڀر ٻڌايو ته اسان جي ڪنهن سان به دشمني ناهي، اسان جي نوجوان کي بيگناهه قتل ڪيو ويو آهي. هنن چيو ته جبار اظهر سان گڏجي ويو هو، جنهن ۾ مارجي ويو،