هيروئن ڪيس بابت آرمي چيف وٽ شڪايت ڪري ڇڏي آهي:گهرو وزير

0
201
هيروئن ڪيس بابت آرمي

ڪراچي:  وفاقي گھرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آھي تھ  هيروئن ڪيس بابت آرمي چيف وٽ شڪايت ڪري ڇڏي آهي، هيروئن ڪيس ۾ اي اين ايف جي ڪردار بابت آرمي چيف وٽ  شڪايت ڪئي آهي

نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالھائيندي ھن چيو تھ مون مٿان 15 ڪلو هيروئن واري ڪيس ۾ عمران خان،شهزاد اڪبر ۽ اڳوڻو ڊي جي اي اين ايف ملوث هئا

15 ڪلو هيروئن جو ٿيلهو شهزاد اڪبر وٽ هو، شهزاد اڪبر پوليس کي چيو هو ته اِهو ٿيلهو پارليامينٽ لاجز ۾ رکيو وڃي

اسلام آباد پوليس انڪار ڪيو ته اي اين ايف جو اڳوڻو ڊي جي اُن ڪم ۾ لڳي ويو

ھن چيو تھ فواد چوڌري کان علاوه طارق بشير چيما ۽ اعجاز شاهه به هِن ڪيس  کي جڙتو قرار ڏنو آهي