خانگي شعبن ۾ ملازمت

ڪندڙ پورھيتن سان ناانصافي!

پرائيويٽ اسڪولز، پيٽرول پمپس ۽ ٻين مختلف صنعتي ادارن ۾ ڪم ڪندڙ پورھيتن کي سنڌ حڪومت طرفان مقرر ڪيل گھٽ ۾ گھٽ اجرت 25000 نه ٿو ڏني وڃي. جڏھن ته ڏھاڙي تي ڪم ڪندڙ پورھيتن کان مسلسل 12 کان 14 ڪلاڪ ڊيوٽي ورتي ٿي وڃي، جيڪڏھن پورھيت وڌيڪ اجرت يا سھولت جو مطالبو ڪن ٿا ته انھن کي ڌمڪايو وڃي ٿو ته توھان کي نوڪري مان برطرف ڪيو ويندو وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاھ کي گذارش آھي ته سخت مھانگائي جي دور ۾ پورھيتن جي پگھار مان ڪٽوتي ڪندڙ ۽ پورھيتن کي گھٽ اجرت مھيا ڪندڙ سرمائيدارن، صنعتي ۽ تعليمي ادارن سميت پيٽرول پمپ مافيا خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي، سرمائيدار پنھنجو واپار مختلف حربا ھلائي وسيع ۽ ذخيرو ڪن ٿا، پوءِ ھيراڦيري ڪري ٽئڪس ڏيڻ کان به آجا ٿي وڃن ٿا، اھا رياست جي ذميواري آھي ته عوام جي بنيادي حقن ترقي ۽ تحفظ کي يقيني بڻائي ۽ سنڌ جي ھر ضلعي ۾ انساني حقن واري ڪميشن، سماجي تنظيمن يا وري ڊپٽي ڪمشنر جي ماتحت، آن لائين ڪمپلين سيل تيار ڪري پورھيتن سان ٿيندڙ ظلم و زيادتي جو ازالو ڪيو وڃي.

نويد خان سومرو/راڌڻ

غريب عوام ھاڻ رليف چاھي ٿو!‎‎

معاشي بحران ھجن يا سياسي اٿل پٿل، ڏيواپڻي کان بچڻ لاءِ سخت فيصلا ڪرڻا پون، يا عالمي منڊي ۾ تيل وڌي ته اسان پٽ به وڌايو ويندو آهي جي گھٽ ٿئي ته گھٽ ڪرڻ لاءِ سوچ ويچار ڪجي، فيول ايڊجسٽمينٽ تحت بجلي باقائدي مھانگي ٿئي پر بجلي کان محروم رھون، مھانگائي ڀلي گھوڙي تي اچي ٿي پر واپسي لاءِ ڏٻرو جانور به نه مليس، ڪڏهن ڪو ملڪي سربراھ نه گھٻرائڻ جا مشورا ڏئي پاڻ اھڙو گھٻرائجي وڃي جو گھٻراھٽ به دنگ رھجي وڃي، ھاڻ وري موجوده ملڪي سربراھ عوام کي دعائن جي آسري ڇڏيندي چوي ٿو دعا ڪريو ته مھانگائي گھٽ ٿئي، تازو ناڻي واري وزير دعوى ڪئي آهي ته مھانگائي گھٽ ٿيندي، سندس اھا ڪوشش ڪيترو ڪامياب ٿيندي يا صرف بيان  ئي رھندو، اھو وقت ٻڌائندو. ھي ملڪ 75 سالن کان رڳو تجربا برداشت ڪندو پيو اچي، خدارا ملڪ ھاڻ وڌيڪ تجربا برداشت نٿو ڪري سگهي نه ئي ھن ملڪ جو عوام سخت، ڏکيا ۽ وڏن مفاد ۾ ھاڻ ڪي فيصلا برداشت ڪرڻ جي سگھ ٿو رکي. وقت جا حڪمرانو! ھاڻي سمورا ڏکيا فيصلا ٿي ويا، ھي وقت آهي، عوام جي ڏکن تي مرهم رکڻ جو، ھاڻي عوام کي رليف گھرجي ٿو، 2000 ھزار رپين لاءِ ڌڪا کائڻ يا مجبور ٿي پنندڙن کي ڪو عزت ڀريو روزگار مھيا ڪيو وڃي، ھاڻ سياسي بيان بازي ڇڏي ڪا جامع پاليسي جوڙي عوام تائين حقيقي رليف پھچائي پنھنجا ٻئي جھان موچارا ڪريو !

محمد اسلم سمون/ ٽنڊو محمد خان

غريبن جي حال تي هاڻ ته رحم ڪريو!

ملڪ ۾ هر ٻئي ڏينهن مهانگائيءَ جو طوفان برپا ڪيو پيو وڃي، جنهن جي ڪري سڄو سارو ڏينهن رت جيان پگھر وهائي صرف پنج کان ڇهه سئو رپيا ڏيهاڙي ڪمائيندڙ غريبن کان ڪير به حال پڇڻ وارو ناهي. دنيا جي سڌريل ملڪ ۾ته ايئن ٿيندو آهي ته جيڪڏهن ملڪ ۾ مهانگائي وڌندي آهي ته ان تي وري عوام کي ايترو ئي رليف پڻ ڏنو ويندو آهي ۽ خاص طور تي انتهائي غريب ۽ ڏيهاڙيدار طبقي جو وقت جي حڪومت پاران تمام گھڻو خيال رکيو ويندو آهي، پر هتي نظام ئي ابتو آهي. اسان جي پاڙي جي هڪ مزدور جي معصوم پٽ کي مون گھٽيءَ ۾ روئيندو ڏٺو، اسان جي گھر اچي منهنجي امڙ کي چيائين ته چاچي، اڄ بابا جي مزدوري ناهي لڳي، صبح کان امان بيمار آهي، ان هڪ ڳڀو به ناهي کاڌو، توهان وٽ ڪا پاروٿي ساروٿي هجي ته اسان کي ڏجو، اسان سڀ بک تي آهيون. ان معصوم لفظ ٻڌي آنڊا وات ڏانهن ٿي آيا ۽ دل ۾ هڪ سُور جي سٽَ اُڀري پئي ۽ مون کي اها ڳالهه ٻڌي اهو سمجھه ۾ نه پي آيو ته ڪنهن ڪنڊ ۾ وڃي اوڇنگارون ڏئي روئان يا وري ڀِتين سان ٽڪر هڻان؟ پر تڙ تڪڙ ۾ پاڻ سنڀالي بورچي خاني ڏي ڊوڙ پاتم ۽ ٻه ٽي ماڻيون ۽ ٻوڙ جي پليٽ ڀري، ان معصوم سان ان جي گھر تائين ويس، ان کي در تائين پهچائي، اهي مانيون ۽ پليٽ ان کي گھر جي چائنٺ جي اندر ڪري چيومانس ته خيال سان کڻي وڃ، وڃي امڙ کي به کاراءِ ۽ تون به وڃي ماني ڳڀو کاءُ. شام جو به ماني وٺڻ اچجانءِ ۽ اهي ٿانوَ پاڻ سان گڏ کنيون اچجانءِ. مون کي ان معصوم کي اهي لفظ چوندي به الائي ڇا ٿي رهيو هو، ڇو ته ڪنهن معصوم ٻار کي ڪوشش ڪري ان جي گھرڻ باوجود مان ڪا شيءِ ناهيان ڏيندو، ڇو ته اونو ۽ الڪو هوندو آ ته متان ٻين جي آسري تي لڳڻ يا پنڻ تي نه هِري وڃي. اسان جي ملڪ ۾ هر سال مهانگائيءَ کان پوءِ ڳرن ٽئڪسن واري بجيٽ پيش ڪئي ويندي آهي، جنهن ۾ رليف صرف 25 سيڪڙو مخصوص پگھاردار طبقي کي ڏنو ويندو آهي، جڏهن ته 75 سيڪڙو غريب مسڪين ۽ ڏيهاڙي دار طبقي جو ڪو به خيال نه ڪيو ويندو آهي. هر بجيٽ ۾ لاڳو ٽئڪس ان غريب ۽ ان جي ٻچن جي وات مان گرهه کسي اوڳاڙيا ويندا آهن پر انهن جي لاءِ بجيٽ ۾ ڪو به رليف يا ڪا پاليسي ناهي جوڙي ويندي. نه ڄاڻ هن شاهوڪار سنڌ، جيڪا سڄي ملڪ کي ٿي هلائي جي غريب طبقي جو ڀاڳ ڪڏهن ورندو، جو هو به سک جو ڳڀو کائي سگھندا؟

ارشد ماڇي/ڪراچي

سنڌ جي زراعت لاءِ برسات جو پاڻي به ناهي!

چوندا آهن ته جنهن قوم کي پوئتي ڪرڻو هجي ان قوم جون معاشي حالتون ۽ وسيلا ختم ڪيا وڃن، جيئن اها قوم اندران کوکلي ٿي وڃي. ان قوم کي اهڙي فرعونن جي حوالي ڪجي جيڪي صرف پنهنجي ذات تائين محدود هجن. جتي چور کي وزيراعظم ۽ بيباڪ صحافت کي هٿڪڙين جا زيور پارايا وڃن. جتي حق جي آواز کي بند ڪري آواز دٻايو ويندو آهي. ان قوم کي سرداري نظا۾ ۾ ڦاسايو ويندو آهي، جيئن اهي قوم تي ڏاڍ ڪري انهن کي هيسائي رکن. انهن کي تعليم ۽ شعور کان پري رکن. اهو هينئر نه پر سنڌ تي صدين کان ظلم هلندڙ آهي. سرداري نظام اڄ تائين موجود آهي. تاريخ ڏسجي ته سنڌ کي ڪمزور ڪرڻ ۾ وڏيرڪي نظام جو ئي هٿ آهي. ان ۾ وڌ کان وڌ آبپاشي نظام کي درهم برهم ڪري ڪمزوي جو سبب بڻايو ويو آهي. هر ملڪ جي آبپاشي ڪرنگھي جي هڏي هوندي آهي، ان هڏي کي ئي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. جيئن هن وقت سنڌ جون معاشي حالتون آهن، لڳي رهيو آهي ته هٿ سان معاشي ماحول خراب ڪيو پيو وڃي. سنڌ  اڳ ئي خراب حالتن مان پئي گذري، ڪڏهن مڪڙن جي صورت ۾، ته ڪڏهن هٿرادو ڀاڻ جي کوٽ، ته ڪڏهن پاڻي جي کوٽ، سنڌ جون پاڙو ختم ڪيون آهن. پاڻي جي معاملي تي ڪير به آواز اٿارڻ لاءِ تيار ناهي. برسات جي صورتحال اها آهي جو اڌ بلوچستان ٻڏل آهي، سيلاب ۾ به سنڌ لاءِ پاڻي ناهي. درياهن ۾ پاڻي وهي آيو ته پهريان پاشا ڊيم ڀريو ويو، جنهن جي مقدار 8 فوٽ ٿي هئي. ڊيم ڀرڻ کانپوءِ پنجاب ٽي پي لنڪ ڪئنال به وهائي ڇڏيو، سنڌ ۾ 53.75 سيڪڙو پاڻي جي کوٽ اڄ به موجود آهي. ملڪ ۾ درياهن جي پاڻي جي آمد وڌي 4 لک 45 هزار 500 ڪيوسڪ تي پهتي آهي پر سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ برقرار آهي. بجلي جي پيداوار جي وڌاري لاءِ تربيلا ڏانهن پاڻي موڪليو پيو وڃي، جنهن ۾ هڪ ڏينهن اندر 8.2 فپٽ پاڻي ڀريو ويندو، پنجاب ٽي پي لنڪ ڪئنال ۾ 6038 ڪيوسڪ پاڻي کڻڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. سي جي ۾ جيڪو پاڻي هو ان کي به پنجاب پنهنجو حق سمجهي کڻڻ شروع ڪيو آهي. جنهن ڪري سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ 53.75 سيڪڙو آهي، گڊو بئراج 70 سيڪڙو ڪوٽڙي وٽ 43 سيڪڙو ۽ سکر بئراج تي 48 سيڪڙو کوٽ رڪارڊ ڪئي وئي آهي، جڏھن به پنجاب کي ٻڏڻ جو خطرو وڌي ٿو تڏھن پنهنجن ڊيمن جا منهن به کوليا ويندا آهن ۽ پاڻي جو وهڪرو سنڌ طرف وڌائي ڇڏيندا آهن جيئن سنڌ پاڻي جي کوٽ ۾ سڪي مري ۽ جڏهن ٻڏي مرڻ جو خطرو اچي ته سنڌ ئي پهريون نشانو بڻجي.

نقاش علي قمبراڻي/هالا

وزير اعليٰ سنذ کان انصاف جي گھر!

جيئن ته منهنجو اصل تعلق مورو ضلعو نوشھروفيروز آھي، روزگار سانگي ڀٽائي آباد ڪراچي ۾ ڪيترن ئي سالن کان رهائش آهي، ڊوميسائل ڪراچي جو بڻايو، وفاقي ۽ سڀني صوبائي کاتن ۾ نوڪري لاءِ نه رڳو درخواستون ڏنيون پر ٽيسٽون ۽ انٽرويوز ۾ به حاضر ٿيس پر مون سان ناانصافيون ٿينديون رهيون. پرائيويٽ اسڪولن ۽ ٽيڪنيڪل ڪاليجن سان گڏوگڏ هوم ٽيوشنز پڙهائي پنهنجو گذران ڪيم ۽ ھن وقت مان هڪ اداري ۾ گھٽ ۾ گھٽ 20 ھزار رپيا في مهينو ڊيلي ويجز تي ڪم ڪري رهيو آھيان.گريجوئيٽ بي ٽيڪ ڊپلومه سان گڏ سنڌ ميڊيڪل فيڪلٽي ڪراچي مان ڊسپينسر جو ڪورس ڪرڻ باوجود به اوهان جي حڪومت ۾ بيروزگاري کي منهن ڏئي رهيو آهيان. 2009ع ۾ ورڪس اينڊ سروسز کاتي ۾ اسسٽنٽ لاءِ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۽ سنڌ يونيورسٽي پاران ورتل استادن جي ڀرتين واري ٽيسٽ ۾ 74 سيڪڙو نمبر حاصل ڪيا. اين ٽي ايس پاران 2011 ۽2012ع ۾ ورتل الڳ الڳ اسٽيوٽا ۾ انسٽرڪٽر ۽ جونيئر انسٽريڪٽر لاءِ به ٽيسٽون ڪواليفائي ڪيون. ساڳئي کاتي ۾ 2014ع ۾ اسسٽنٽ لائبررين ۽ جونيئر انسٽرڪٽر لکت ۽ انٽرويوز به ڪليئر ڪيا آھن.2013ع ۾ ايجوڪيشن کاتي ۾ (اين ٽي ايس ٽيسٽ) پي ايس ٽي ۾ 76 سيڪڙو نمبرز ۽ جي ايس ٽي ۾ ٦٦ سيڪڙو نمبرز حاصل ڪرڻ باوجود به بيروزگار آهيان. ان سان گڏ مختلف کاتن ۾ لکت ٽيسٽن ۽ انٽرويوز ۾ ڪواليفائي ڪري چڪو آهيان جن ۾ محنت وارو کاتو، فوڊ واروکاتو، فئنانس، ٽرانسپورٽ، فشريز، صحت ۽ ٻين کاتن سميت اپلائي ڪندو رهيس پر قدرت پاران نصيبن جا معاملا به آهن. هاڻي ته اوور ايج ٿي ويو آھيان. مهانگائي واري دور ۾ جيئرو رهڻ ڏاڍو ڏکيو ٿيندو پيو وڃي. مٿان اولاد کي به سٺي تعليم ڏيارڻ هڪ چيلنج آهي. رب سائين اوهان کي جليل القدر عهدي وزير اعليٰ سان نوازيو آهي. اوهان کي م‍ؤدباڻي ۽ عاجزي وارو نماڻو عرض ٿو ڪريان ته مون کي ڏنل ڪواليفائي انٽرويوز تي نوڪري تي رکيو وڃي. يا مون کي پنهنجي آفيس ۾ يا سيڪريٽريٽ ۾ ڪانٽريڪٽ جي بنياد تي مقرر ڪيو وڃي ته جيئن منهنجي پريشانين ۾ ڱهٽتائي اچي ۽ پنهنجي اولاد جي تعليم مڪمل ڪرايان. سائين جن جو عمر ڀر احسان مند رهندس. مهرباني،اوهان لاءِ دعاگو

علي اختر/ڀٽائي آباد، ڪراچي

پاڪستان مان ڪرپشن ختم ڪريو!

اسان ٽن قدمن جو تجويز ڏيون ٿا، جيڪي جيڪڏهن غور سان وٺن ۽ انهن تي سنجيدگي سان عمل ڪيو وڃي ته ڪرپشن گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ڪري سگهن ٿا. جيڪڏهن پاڪستان ۾ ڪرپشن جو خاتمو نه ٿيو. پهريون انصاف جو نظام لازمي طور تي طاقتور هوندو ته نه فقط انهن کي سخت سزائون ڏئي جيڪي انهن تي مختلف قسم جي ڪرپشن ۾ ملوث آهن پر اهو پڻ يقيني بڻائڻ گهرجي ته ان جي فيصلن تي عمل ڪيو وڃي. ملڪ جتي ڪرپشن انتھائي گھٽ سطح تي آھي يا تقريباً غير موجود آھي، انصاف جو نظام ماڻھن کي رشوت يا اقربا پروري کان سواءِ ماڻھن کي انصاف فراهم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. ٻيو، انصاف جي نظام سان گڏ، حڪومت ۽ ان جا عضوا لازمي آهن ته ڪرپشن يا بدعنواني جي عملن کان مٿاهون ٿجي، اهو صرف تڏهن ٿي سگھي ٿو جڏهن اهي ماڻهو جيڪي حڪومت جو حصو هجن، گهٽ يا وچولي يا وڏي سطح تي انهن جي بهتر ۽ ايماندار ڪم سبب سٺو ۽ اجر وٺڻ لازمي آهي. خراب حڪمراني ۽ احتساب جي گهٽتائي سبب پاڪستاني سماج ۾ ڪرپشن داخل ٿي چڪي آهي، جڏهن قانون جي حڪمراني تي ٺاهه نه ڪيو ويندو ۽ ماڻهن جون معاشي حالتون، خاص طور تي پوليس، ماليات جي کاتي ۽ آمدني ۾ بهتر هجن، ته يقينن ڪرپٽ خلاف جاچ ڪري سگهجي ٿي. ٽيون، انهن سببن جو خاتمو جيڪي بدعنواني کي قوت ڏين. غربت، بهتر تعليم جي کوٽ، معاشري ۾ ڪرپشن جي قبوليت ۽ مافيا جو ڪردار جن کي نه رڳو سرڪاري سرپرستي حاصل آهي پر قومي دولت لٽائڻ ۾ فري هينڊ مليل آهي. جيستائين اهي ماڻهو جيڪي بدعنواني جي عملن جو لازمي حصو آهن انهن کي اقتدار جي عهدي تان هٽايو ۽ سزا نه ڏني وڃي، تيستائين ڪو به رستو ناهي جو ڪرپشن تي  ڪنٽرول ڪري سگهجي. تدبيرون اختيار ڪرڻ سان ڪرپشن تي ضابطو آڻي سگھجي ٿو، ڪرپشن نه رڳو زندگي جو اهم حصو بڻجي وئي آهي پر هر جائز ڪم تي ورتي ٿي وڃي، ڪنهن به نقطي کان بدعنوان سماج صحتمند ۽ ترقي يافتا نٿو ٿي سگهي.

محمد  علي ابير ارشد / سنڌ مدرسة الاسلام يونيورسٽي، ڪراچي

ڪاڇي ۾ برسات هڪ طرف خوشي ۽ ٻئي طرف عذاب بڻجي وئي!‎‎

ڪاڇي ۾ برسات پوڻ سبب ڪاڇي واسي خوش ضرور ٿيندا آهن ته ٻئي طرف واهي پانڌي جوهي روڊ تي پلن جي سهولت نه هئڻ ڪري نئين گاج جي تيز وهڪري سبب واهي پانڌي جوهي جو زميني رابطو ڪٽجي ويندو آهي، عوام عذاب ۾ وٺجي ويندو آهي، ان دوران تڪ جا چونڊيل نمائندا غائب هوندا آهن، ٻه راتيون اڳ کيرٿر جي جابلو سلسلي تي زوردار وسڪاري کان پوءِ نئن گاج، نئن سوري، نئن نلي سميت ڪاڇي جون 5 کان وڌيڪ نئيون وهي آيون، نئيون وهي اچڻ کان پوءِ ڪاڇي واسين جي چهرن تي مرڪون موٽي آيون آهن، مارو ماڻهن پنهنجا ٻنا ڀرڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن، نئين جي وهي اچڻ سان ڪاڇي واسين لاءِ خوشي کان گهٽ ناهي، ڪاڇي واسين جو سمورو دارومدار برسات جي پاڻي تي هوندو آهي، نئين جي وهي اچڻ سان ڪاڇي واسين جون بنجر زمينون وري آباد ٿينديون. واهي پانڌي جوهي روڊ کي ملائيندڙ  نئين گاج جي تيز وهڪري سبب ماڇي واھ وٽان پاڻيءَ جي تيز وهڪري روڊ کي ٽوڙي ڇڏيو آهي، علائقي واسي سخت پريشان آهن، جوهي ۾ نئين گاج جي وهڪري سبب واهي پانڌي ماڇي ڍوري وٽ جوهي روڊ پاڻي هيٺ اچي ويو آھي، ڪاڇي واسي گهرن ڏانهن وڃڻ لاءِ پريشان آهن، تڪ جا چونڊيل نمائندا هن وقت تائين غائب آهن، هي خطو تيل گئس سان مالا مال آهي پر به ڪاڇي واسي هر بنيادي سهولت کان محروم آهن، افسوس آهي ته هن ڏکئي وقت ۾ تڪ جا چونڊيل نمائندا ڪاڇي جي عوام وٽ لڙي نه آيا آهن، ڪاڇي واسين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته واهي پانڌي روڊ جي مرمت ڪرائي ماڇي واھ وٽان پل تعمير ڪرائي وڃي ته جيئن هر ٻئي ڏينهن جي آزار مان جان ڇٽي، ۽ هتان جو عوام به مينهوڳي ۾ ڪنهن ايمرجنسيءَ جي صورت ۾ ڪيڏانهن اچي وڃي سگھي.

سمير احمد بروهي/ واهي پانڌي، ڪاڇو

سنڌ ۾ سياست جا نرالا رنگ ۽ ڍنگ!

سنڌ ۾ ڀلي ڪو به سياست ڪري پر هو سنڌ جي بنياد کان ٻاهر نه هجي ۽ اها ڌر سنڌ لاءِ نقصانڪار نه هجي ۽ ڪنهن به ريت ماضيءَ يا مستقبل ۾ سنڌ کي جوکو يا دوکو رسائيندڙ نه هجي، هي سنڌ عوام جي جان آهي، باقي عمران خان کي ڪنهن به صورت ۾ سنڌ ۾ قبول نه ڪيو ويندو، جيڪو انهن سا هٿ ملائيندو سو اڪيلو ۽ غير فعال ٿي ويندو، عمران خان ان ڌر جو ماڻهو آهي جن هميشه سنڌ کي سور ڏنا آهن، پور ڏنا آهن ۽ هڪ جابر فوجي درندي ضياءُالحق جي پيداوار آهي، جن ايم آر ڊي جي تحريڪ وقت سنڌين سان برداشت نه ڪرڻ جوڳا ظلم ڪيا ۽ سنڌي ليڊر شپ کي قتل ڪرڻ ۾ سڌيءَ ريت ملوث آهي. عمران خان جيڪو هڪ پنهنجي وجود ۾ هڪ ڊڪٽيٽر يهود و نصارا جو ايجنٽ آهي، انهن جي پئسن تي سياست پيو ڪري ۽ ان کان به خراب ڳالهه اها آهي ته هي هڪ قادياني آهي ۽ هن جي اچڻ سان ملڪ ۾ فحاشي، عرياني جو نه کٽندڙ طوفان ايندو، هن جي جلسن ۾ وڃڻ وارو به گنهگار آهي، هڪ قادياني کي ڪيئن ٿا ملڪ جو سربراهه بڻائي سگهون، سو سنڌ جي سياست ڪندڙن کي سوچي سمجهي قدم کڻڻو پوندو، بيشڪ فيڊريشن جي سياست ڪيو پر سنڌ کان ٻاهر نه سوچو.

انجنيئر وسيم چنا/سيوهڻ

اغوا ٿيل آديش ڪمار اڃا نه موٽيو !

عوام جي جان، مال ۽ امن امان جي صورتحال کي برقرار رکڻ حڪومت جي ذميواري آھي ۽ پوليس جي ذميواري آھي ته ڏوھن تي ڪنٽرول ڪري ۽ امن امان جي بھتر رکي پر سنڌ ۾ معصوم ٻارڙن کي اغوا ڪيو وڃي ٿو، معزز شھري ڪاروبار ۽ پنھنجي معصوم ٻارڙن جي تحفظ نه ھجڻ ڪري پريشان آھن، آديش ڪمار جو اوچتو گم ٿي وڃڻ شھرين جي ذھنن ۾ سوال اٿاري ڇڏيا آھن ۽ ڳڻتي ۾ به وجھي ڇڏيو آھي. سنڌ ۾ اغوائن جا ڏوھ وڌي ويا آھن، آديش ڪمار جو تعلق خيرپور ضلعي راڻيپور شھر سان آھي، جنھن جو پيءُ ھيرو مل آھي، معصوم آديش جي عمر 8 سال آھي، ھن کان اڳ ڪانها ڪمار کي اغوا ڪري قتل ڪيو ويو هو، سنگهار مان ننڍڙي ڇوڪري جيڪا سبيل پياري رھي هئي اها گم ٿي وئي، اڄ ڏينھن تائين ان جا والدين سنگھار جي ھڪ پير تي ويٺا آھن پر ڪجھ نه ٿيو آهي، ايئن ئي ڪافي وقت اڳ فضيلا سرڪي جو گم ٿي وڃڻ به سمجھ کان ٻاھر آھي. آديش ڪمار جنھن جي عمر رانديڪن سان کيڏڻ جي آھي، ان جا والدين سراپا احتجاج بڻيل آھن ته آخر آديش ڪيڏانھن ويو؟ ھفتو ٿيڻ وارو آھي سماجي تنظيمون سوشل ميڊيا، قومپرست پارٽيون، ھر ننڍي وڏي شھر ۾ احتجاج ڪري رهيون آهن، آخر پوليس، عدليا ڇا پئي ڪري؟ سپريم ڪورٽ کي پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ گھرجي. سنڌ جي پوليس جي سڀني کي خبر آھي ته اها صرف آسرا  ڏيندي آھي ۽ عملي طرح ڪو هاڪاري قدم کڻي ڏوھ واپس نه ڪرائيندي آھي، ايئن ئي نه وري اغوا جھڙي سنگين ڏوھن تي ضابطو آڻي سگھندي آھي. پوليس جو ڪو خاص ڪردار اھڙن ڪيسن ۾ نظر نه پيو اچي. خيرپور ۾ امن جي صورتحال انتهائي خراب آھي، آديش جو آغوا ٿيڻ، صحافي کي ڏنڊا ھڻي قتل ڪرڻ، سرعام گولين ھلائي دھشگردي ڦھلائڻ جھڙا واقعا عروج تي پهچي ويا آهن، معصوم ٻارڙن جو اغوا دوران پوليس ڪٿي آھي؟ ان جو ڪردار ڪھڙو آھي؟ سنڌ حڪومت ۽ پوليس آءِ جي پوليس ۽ عدليا کي ترت نوٽيس وٺي جلد ننڍڙي معصوم آديش ڪمار کي واپس موٽائڻ گھرجي.

ساگر شفيق وساڻ/ جھنگو وساڻ