خيرپور (رپورٽر) هنڱورجا ڀرسان ڳوٺ آچر سهتو ۾ زمين جو حصو گهرڻ تان ڀائرن مبينا طور تي حملو ڪري ڀيڻ لال خاتون ملاح، ارباب ملاح ۽ گلبهار ملاح کي زخمي ڪري ڇڏيو. واقعي بعد زخمين کي مقامي اسپتال داخل ڪرايو ويو. لال خاتون ملاح صحافين کي ٻڌايو ته زمين جو حصو گهرڻ تان ڀائرن محمد نواز ملاح، غلام شبير ملاح، علي حسن ملاح ۽ محمد حسن ملاح حملو ڪري مون سميت ٽن ڄڻن کي زخمي ڪري ڇڏيو. هنڱورجا پوليس اسان جو ڪيس داخل نه ڪيو.