هنڱورجا ( ن پ ا ) هنڱورجا ڀرسان 7 مهينا اڳ مبينا طور تي اغوا ٿي ويل 10 سالا نينگر عطاءُ الله ولد عطا محمد بروهي بازياب ناهي ٿي سگھيو جڏهن ته سندس امڙ مسمات شريفان پاران سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ ۾ نينگر جي بازيابي لاءِ داخل ڪرائل آئيني پٽيشن تي عدالت پاران پوليس کي اغوا ٿيل نينگر کي فوري بازياب ڪرڻ جي حڪم کانپوءِ ڊي آءِ جي سکر فدا حسين مستوئي هنڱورجا ٿاڻي تي پهچي نينگر جي وارثن سان ملاقات ڪري کين کي نينگر بازياب ڪرائڻ جي خاطري ڪئي ۽ نينگر جي مبينا طور اغوا ۾ ملوث ڄاڻايل ٽن جوابدارن بشير بروهي ،نذير بروهي ۽ ياسين بروهي کان پڻ بيان ورتا ويا ڊي آءِ جي سکر فدا حسين مستوئي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته 7 مهينا اڳم 10 سالا نينگر عطاءُ الله بروهي محرابپور جي مدرسي مان گم ٿي ويو هو جنهن تي نينگر جي وارثن پاران پنهنجي ئي برادري جي ٽن جوابدارن مٿان مبينا اغوا ڪرڻ جو الزام لڳايو جنهن تي پوليس ٽنهي جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي عدالت سڳوري جي حڪم تي مبينا طور تي اغوا ٿيل نينگر کي بازياب ڪرائڻ لاءِ ڪوشش ورتيون پيون وڃن پوليس جي آفيسرن ايس پي ڪمپلين سيل سکر غلام علي جماڻي، ڊي ايس پي گمبٽ فيض محمد جوکيو، ڊي ايس پي فدا حسين سولنگي ،ايس ايڇ او هنڱورجا احمد علي شر معاملي جي مڪمل طور تي جاچ ڪري رهيا آهن ۽ نينگر جي وارثن سان انصاف پڻ ڪيو ويندو. ٻي پاسي نينگر جي امڙ مسمات شريفان بروهي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان سان وڏو ناحق ٿيو آهي منهنجي معصوم پٽ عطاءُ الله کي برادري جي ماڻهن اغوا ڪيو آهي هن وقت تائين پوليس نينگر کي بازياب ڪرائي نه سگھي آهي ان ڪري اسان عدالت ۾ نينگر جي بازيابي لاءِ پٽيشن داخل ڪرائي آهي اسان کي اميد آهي ته عدالت سڳوري اسان سان انصاف ڪندي.