ميرپورماٿيلو/ دادلغاري ( نمائندن وٽان) داد لغاري ٿاڻي جي حد لشڪر پٽ ۾ عورت کي مبينا طور ڪارنھن الزام ۾ قتل ڪرڻ وارو مامرو پوليس جي جاچ ۾ ڪا اڳڀرائي نه ٿي سگھي آھي شڪ جي بنياد تي گرفتار ٻن ڄڻن غني ۽ ڪمال مڱڻھار کان ڀڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي ڪارنھن الزام ھيٺ آيل نوجوان ٻڍو مڱڻھار به قتل جي خوف کان دربدري واري زندگي گذارڻ تي مجبور آھي نوجوان ٻڍو مڱڻھار گذريل ڏينھن ميڊيا سامھون دانھيندي چيو ته ھن مٿان ناحق ڪارنھن الزام ڏئي شھزادي مڱڻھار کي قتل ڪيو ويو آھي مونکي به قتل ڪيو ويندو ھن ايس ايس پي گھوٽڪي ۽ ٻين وس وارن کان تحفظ جو مظاھرو ڪيو آھي، ھوڏانھن شھزادي مڱڻھار جي قتل جي حوالي سان ذريعا ٻڌائين ٿا ته ناري 6 مھينا اڳ نوجوان ٻڍو مڱڻھار سان گھران نڪرڻ جي ڪوشش دوران مائٽن جي سجاڳ ٿيڻ تي تر جي ھڪ بااثر وٽ وڃي پناھ ورتي جنھن کي بعد ۾ وارثن حوالي ڪيو ويو جن کي وارثن مبينا طور زندا دفن ڪري ڇڏيو ھو گذريل ڏينھن مامرو ميڊيا تي اچڻ کان پوءِ ايس ايس گھوٽڪي جڏھن نوٽيس ورتو ۽ پوليس جاچ شروع ڪئي ته مبينا طور قتل ٿيل شھزادي جي جاءِ تي ھڪ ٻئي عورت سوڍي ڌي جمعو مڱڻھار کي سامھون آندو ويو آھي.