لنڊن (اسپورٽس نيوز) ڀارت ايندڙ مينز ون ڊي ورلڊ ڪپ جو فارميٽ تبديل ڪرائڻ لاءِ آءِ سي سي تي دٻاءُ وجهڻ لڳو برطانوي اخبار موجب، ڀارت 2027ع وارو عالمي ڪپ 10 ٽيمن جو ڪرائڻ چاهي ٿو انڪري ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ ( بي سي سي آءِ ) انٽرنيشل ڪرڪيٽ ڪائونسل تي دٻاءُ وجهي رهيو آهي، پر آءِ سي سي اڃا تائين ڀارتي مطالبي تي راضي نه ٿيو آهي

برطانوي اخبار موجب، آءِ سي سي ٻه سال اڳ 2027ع واري عالمي ڪپ لاءِ ٽيمن جو انگ 14 ڪرڻ جو اعلان ڪري چڪو آهي جڏهن ته ٽورنامينٽ فارميٽ جي بنياد تي نشرياتي حق به وڪرو ڪري ڇڏيا آهن

واضح رهي ته ڀارت ۾ ٿيل ورلڊ ڪپ 2023ع جو فارميٽ ڏهن ٽيمن تي ٻڌل هو. 2027ع وارو آءِ سي سي مينز ون ڊي ورلڊ ڪپ ڏکڻ آفريڪا، زمبابوي ۽ نميبيا ۾ کيڏيو ويندو، ايونٽ ۾ 14 ٽيمن وچ ۾ 54 مقابلا ٿيندا

ڀارت جو ضد آهي ته ورلڊ ڪپ ۾ ڏهه ٽيمون شامل ڪيون وڃن، بي سي سي آءِ پاران آءِ سي سي اجلاسن دوران اِهو معاملو اٿارڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.برطانوي اخبار موجب، 14 ٽيمن جو مطلب ٽيمن کي 7،7 جي ٻن گروپن ۾ ورهايو ويندو، هر گروپ جون ٽاپ ٽي ٽيمون سپر سڪس مرحلي لاءِ ڪواليفاءِ ڪنديون ۽ پوءِ سيمي فائنل ۽ فائنل ٿيندو

14 ٽيمن جي شموليت سان ميچون ته وڌيڪ ٿينديون، ڀارتي براڊ ڪاسٽرز کي ڊپ آهي ته ان فارميٽ سبب ڀارت جلد ورلڊ ڪپ مان ٻاهر ٿي سگهي ٿو جنهن سبب سندن ويور شپ گهٽجڻ ۽ مالي نقصان ٿي سگهي ٿو. ياد رهي ته ورلڊ ڪپ ۾ ڀارت ميچن جي ويور شپ رڪارڊ سطح تي ويندي آهي