هجوم هٿان قتل ٿيل ٻه بيگناهه سنڌي!

0
205
اسٽيفن هاڪينگ: هڪ جينيئس جي ڪهاڻي

 ڪراچي ۾ مڇر ڪالوني ۾ ٻن ڳڀرو، گهڻ پَڙهَين ۽ هڪ سٺي ڪمپني ۾ روزگار ڪندڙ سنڌي نوجوانن جو بي دردي سان ڪيل قتل، انسانيت جا سمورا ليڪا لتاڙيندڙ واقعو ٿيو آهي.  اهڙا واقعا هن جڳ مشهور شهر ڪراچي ۾ سنڌين لاءِ لاڳيتو ڪنهن نه ڪنهن روپ ۾ ٿيندا اچن پيا. سوشل ۽ پرنٽ ميڊيا جي ذريعن موجب سنڌ جي ضلعن ٺٽي ۽ نوشهروفيروز سان تعلق رکندڙ ٻه نوجوان، جيڪي انجنيئرنگ پڙهيل هئا ۽ هڪ ٽيليڪام ڪمپني سان لاڳاپيل هئا. انهي علائقي مڇر ڪالوني ۾ سگنلس چيڪ ڪرڻ لاءِ اينٽينا کڻي ويل هئا، جيڪي انتهائي بي رحماڻي تشدد سان ماريا ويا. پاڻ سڀ ڄاڻون ٿا ته ٻهراڙين مان نڪري  اعليٰ تعليمي ادارن تائين پهچڻ  ۽ پوءِ وري روزگار لڳڻ لاءِ هڪ شاگرد کي ڪيڏو لوڙڻو پوي ٿو! انهي جدوجهد کانپوءِ اهي نوجوان جڏهن ڪمائڻ جي لائق ٿين تڏهن وري جيڪڏهن ڪٿي، ڏينهن  ڏٺي جو گلي ۾ وحشي ماڻهن جي هجوم هٿان پٿرن، لتن ، مڪن، لٺين ۽ سَرين سان گهلي گهلي رت ڪري ماريا وڃن ۽ وري لائيو ڏيکاريو وڃي ۽ پوليس پوءِ به انهي معاملي کي عام رواجي ڪارروائين  وانگر ڏسي ته پوءِ انهي نوجوانن جي مائٽن تان ڇا گذرندو؟ انهي وڊيو کي ڏسندڙ هر شهري تان ڇا گذرندو جيڪو اهو وڊيو ڏسي نه پيو سگهي!  هن رياست ۾ ڪنهن به شهري کي ڇا ڪنهن واٽ ويندڙ جي لڳايل الزام تي ايئن گهٽي ۾ گهمندڙ رولُو ۽ بگڙيل ڇوڪرا ڪُٽي ڪُٽي ماري ڇڏيندا؟

هڪڙي ڳالهه اها به ميڊيا کي ڏسندڙ توهان سڀني کي ياد هوندي ته ڪجهه ڏينهن پهرين نبيل گبول جو هڪ بيان آيو هو ته “ٻوڏ اچڻ کانپوءِ سڄي سنڌ کان ڪرمنل ماڻهو ڪراچي ڏانهن اچن پيا وغيره” اهڙا بيان ڪجهه ڪراچي جي ٻين سياسي ماڻهن پڻ ڏنا هئا! هاڻي جيڪي مسڪين ماڻهو پنهنجي جان بچائي پنهنجي ئي وطن جي روڊن تي تنبوئن ۾ پنهنجا ٻچا وات ۾ کڻي پاڻي کان پناهه وٺڻ آيا آهن سي به انهن کي ڪرمنل ۽ ڏوهاري ٿا لڳن! اهڙا بيان جيڪي ڏيندا آهن سي پڻ مختلف ڪميونٽيز جي ماڻهن ۾ نفرتون ڦهلائي اهڙن واقعن جي لاءِ راهون هموار ڪندا آهن. اهڙا نفرت  آميز بيان ڏيڻ وارن ماڻهن خلاف قانوني ڪارروائي ٿيڻ کپي ۽ هن واقعي جي جاچ ۾ لساني فسادن کي هوا ڏيندڙ بيانبازي ڪندڙ شهرين کي شريڪ ڪرڻ کپي!سنڌ حڪومت جنهن کي سنڌي ماڻهو پنهنجو ڀرپور مينڊيٽ ڏين ٿا ته اهي اسيمبلين ۾ عوام جي جان ، مال جي حفاظت لاءِ قانونسازي ڪن. ٿيل قانونسازي تي عمل ڪرائين. پوءِ اِهي جيڪي انهن جا ووٽر نڌڻڪا ٿي مرن پيا، انهن تي ٿيل حملي جا جڏهن لائيو منظر هليا پئي، تڏهن ڇا انهي جاءِ واردات کي ٽريس ڪري، ڪراچي جهڙي شهر ۾ انهن بند گهٽي ۾ ڦاٿل ٻن معصوم ماڻهن کي بچائڻ لاءِ انهن حڪمرانن ڪا مناسب پهل قدمي ڪئي؟  جيڪڏهن ڪا سرگرمي ڪئي آهي ته انهي جا ڪهڙا ثبوت آهن؟ جيڪڏهن نه ڪئي آهي ته ڇو ڪونه ڪئي آهي؟ رياستي مشينري جيڪا اڳ۾ هن ئي شهر ۾ مختلف ٻين قومن جي ماڻهن سان پيش آيل اهڙن واقعن تي بروقت سرگرم ٿيندي نظر آئي آهي ۽ اسين ڄاڻون ٿا ته ڪراچي جهڙي شهر ۾ اهڙي قسم جي ماحول تي ڪنٽرول ڪرڻ جي لاءِ اسان جي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن وٽ بهترين مناسب وسيلا ۽ تربيتون پڻ آهن، پوءِ ڇو انهي موقعي تي دير ٿي؟اسان جا رينجرس جهڙا ادارا اڳي ته ڪنهن ننڍڙي غلطي تي پڻ سرعام ڪا ڪارروائي  ڪرڻ ۾ دير ئي نه ڪندا آهن؟ ڀلا اهڙي ديده دليري رياستي رٽ کي سڌو چئلينج ڪندڙ ۽ قانون هٿ ۾ کڻندڙ انهي هجوم خلاف ڏيکارين ۽ ٻيو نه ته به گهٽ ۾ گهٽ قتل ۾ ملوث سمورن انهن قاتلن کي ڪٽهڙي ۾ ته آڻين جن جا چهرا سرعام وڊيو ۾ ظاهر آهن! ڇا اها مجرماڻي غفلت يا ڪن ٽار ناهي؟  جڏهن ته اسان جي آئين ۾ هر شهري کي آزاد زندگي گذارڻ جو بنيادي حق حاصل آهي. جيڪڏهن ڪنهن شهري کان ڪا غلطي ٿئي ٿي يا هو ڏوهه ڪري ٿو تڏهن به انهي وٽ اهو آئيني حق آهي ته هو پنهنجي دفاع ۾ ڳالهه رکي، دفاع ڪري، ۽ انهي ملزم کي ٻڌڻ به رياست جي ذميواري آهي! انهي  گهٽي جي رولو ۽ ڇڙواڳ وحشي ماڻهن جي هجوم کي ڪنهن ڇوٽ ڏني آهي ته اهي الزام لڳائين، پوءِ بَڇ ڪري “مارو مارو” جا هوڪرا ڪري ۽ بي گناهه ماڻهن کي رڙ ڪرڻ جيتري به ساهي نه ڏين ۽ ماري ڇڏين؟!

هڪ اکين ڏٺي حقيقت ٻڌائيندو هلان ته ڪراچي جا تقريبن علائقا ايئن مختلف ڪميونٽين جي قبضي هيٺ آهن. انهن علائقن ۾ گهٽيون غير قانوني طريقن سان صفا سوڙهيون ۽ مختلف طاقتور ۽ ڏوهاري صفت ماڻهن جي قبضي هيٺ آهن. انهن گهٽين جو رٿابندي تحت اوهان کي مين روڊ سان ميلاپ نظر ئي نه ايندو. اهي سڀ بند گهٽيون آهن جن ۾ نه چاهيندي به الائي ته ڪهڙا خطرناڪ جرم ٿيندا هوندا.  هر انهي بند گهٽي جا پنهنجا قانون هوندا . تن جو هڪ جلوو اوهان هن واقعي ۾ پسي سگهيا آهيو!  هتي قانون لاڳو ڪندڙ ادارا به شايد مشڪل سان وڃي سگهن. مختلف دوست ٻڌائيندا آهن ته  اُهي ڪيترائي دفعا ايئن بند گهٽين ۾ ڦاٿا آهن. اهڙي قسم جي علائقن مان ماڻهن جي لاءِ جان بچائي نڪرڻ به مشڪل پر ڪڏهن ڪڏهن  ناممڪن بڻجي پوندو آهي. اهڙن علائقن ۾ جڏهن گهر ٺهيا پئي تڏهن اسان جا روينيو وارا لاڳاپيل ادارا ڪٿي هئا جن کي اعتراض ڪرڻا هئا؟ يا اهي ڌاريا جيڪي افغاني، بهاري ۽ بنگالي غيرقانوني طور زمينن کي پنهنجي جاگير سمجهن ٿا اهي سڀ ڪنهن به سرڪاري ڪارروائي ۽ پڇاڻي کان بالاتر آهن؟ جو اها انڪروچمينٽ اُنهن جي ئي رحم ڪرم  تي جيئن جو تيئن پيئي آهي؟ اهڙن مقبوضه علائقن ۾ جيڪڏهن ڪنهن ڪمپني يا سرڪاري اداري جي ڪم ڪار سان ڪو ماڻهو هتي وڃي ۽ ڪٿي ڦاسي پوي ته انهي ملازم شهري جي جان جي حفاظت جي لاءِ اهڙن واقعن کانپوءِ رياست وٽ ڪهڙي حڪمت عملي آهي؟ ڪهڙي ضمانت آهي ته باقي رهندڙ اسان جا لکين ماڻهو جيڪي روزگار سانگي سڄي ڪراچي ۾ فيلڊ ڪن ٿا اهي سڀئي محفوظ رهندا؟! اهي سڀئي اهي سوال آهن جن تي سوچڻ، لکڻ، رٿائون ڪرڻ قانونسازي ڪرڻ ۽ قانون تي عمل ڪرائڻ ۽ پنهنجي شهرين جي حفاظت يقيني بڻائڻ لاءِ انساني حقن لاءِ ڪم ڪندڙ ادارا، سياسي تنظيمون، سول سوسائيٽي وارا اڳيان اچن!   سپريم ڪورٽ کي انهي انسانيت کي لڄائيندڙ  واقعي تي سوموٽو وٺڻ کپي.  پرامن شهرين جي انهي قتل خلاف سوشل ميڊيا تي ته تمام وڏو آواز اٿيو آهي پر عجيب ڳالهه آهي جو اسان جي حڪمرانن کي لهر نڪو لوڏو، رڳو هن واقعي جي ڳالهه ناهي هتي روز جو معمول بڻجي چڪو آهي. انهي غير يقيني واري صورتحال سان نبرڻ لاءِ اچو ته پنهنجي ماڻهن جي مالڪي ڪيون ۽ اهڙن واقعن کي قانوني طريقي سان ٻنجو ڏيون!