تماشگاهه … خرم ۽ وقار جي ڳولا اهم آهي

0
140
تماشگاهه ... ڪنهن اڳواڻ جي ضرورت آهي

 پاڪستان ڇا سڄي دنيا ۾ هر وڏي قتل جي واردات مان ٻه ٽي ڪڙيون گم هونديون آهن جنهن جي ڪري قتل جا ڪيس سردخاني حوالي ٿي ويندا آهن. هتي گذرندڙ هر ڏينهن جي باري ۾ ڪنهن کي به ياد ناهي رهندو ته قاتل کي ياد رکڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ پاڪستان جي پهرئين وزيراعظم لياقت علي خان جي قتل جي واردات ۾ جنهن شخص تي قتل جو الزام لڳايو ويو ان کي ته پوليس ٿڏي تي ئي ماري ڇڏيو هو. رهي سهي ڪسر اهو جهاز جنهن ۾ جاچ رپورٽ آندي پئي وئي حادثي جو شڪار ٿي ويو. مير مرتضيٰ ڀٽو ۽ ساٿين جو قتل اڃا رولڙي جو شڪار آهي حالانڪه واقعن کان آگاهي رکندڙ ماڻهن کي خبر آهي ته انهن جي قتل جون ڪڙيون ڪٿان ڪٿان غائب آهن؟ پهرئين مرحلي ۾ لاڳاپيل ٿاڻي جي ايس ايچ او حق نواز سيال کي قتل ڪيو ويو.

                 چيو ويو ته هن خودڪشي ڪئي آهي. پاڪستان جي ٻه ڀيرا وزيراعظم رهندڙ دنيا جي پهرين مسلمان عورت وزيراعظم بينظير ڀٽو کي ڏينهن جي روشني ۾ قتل ڪيو ويو ان قتل جون ڪڙيون مٽايون ويون. ايستائين جو واردات واري جاءِ کي به ڌوتو ويو. پوءِ ڀلا اسڪاٽلينڊيارڊ پوليس ڇا پئي ڪري سگهي؟ هاڻي ٽي وي چينل جي مشهور اينڪر ۽ صحافي ارشد شريف جي قتل جو معاملو آهي. ان جي قتل جون ڪڙيون به مٽائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. پر هن وقت تائين ٻه اهڙيون ڪڙيون يا ثبوت موجود آهن جيڪي ارشد جي قتل جي پسمنظر کان هر تفصيل کان آگاهي رکندا هوندا. اهي ٻئي ڄڻا خرم احمد ۽ وقار يا نقار احمد آهن خرم احمد ته سندس موت وقت سندس گاڏي ۾ موجودهو. سندس گاڏي هلائي رهيو هو. وقار جي فارم هائوس ۾ هو رهيا. خرم هجي يا وقار ٻئي پاڪستاني آهن، انهن کي ڳولڻ ۽ انهن کان معلومات حاصل ڪرڻ مشڪل ته نه آهي جيڪڏهن حڪومت چاهي ته انهن کي ڳولڻ انهن کان جاچ ڪرڻ انتهائي اهم آهي ان کان اڳ جو انهن ٻنهي کي به قتل ڪيو وڃي. پوءِ به اهو چيو پيو وڃي ته ڪينيا پوليس ڪرائي جي قاتل جو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ به مشهور آهي. جيڪڏهن ايئن آهي ته ڪينيا پوليس سان رابطي ۾ ڪير هو؟

بحث اهو آهي ته ارشد شريف کي ڇو قتل ڪرايو ويو؟ ڪيترائي اهڙا سوال آهن جن جا جواب ئي قتل جي ڳوٽ ڀڃي سگهن ٿا. نه ته ارشد شريف جو قتل به پاڪستان يا دنيا ۾ ٿيل ڪيترن ئي قتلن جيان وساريو ويندو. ارشد شريف انهن رپورٽن جي ڪري شهرت رکي ٿو جن جو واسطو پاڪستان ۾ ٿيل ڪرپشن سان هو. هو پنهنجون سموريون صلاحيتون ڪرپشن جي رپورٽن جي باري ۾ معلومات حاصل ڪرڻ تي خرچ ڪندو هو.

ڪينيا سڄي دنيا ۾ ان لاءِ به مشهور آهي ته اتي سڄي دنيا خاص طور تي پاڪستان، ڀارت وغيره مان جيڪا به سيڙپڪاري ڪئي ويندي آهي ان جي باري ۾ به اهو مشهور آهي ته مني لانڊرنگ جو پئسو هتي لڳايو ويندو آهي. جڏهن ارشد شريف کي ڪيس جي ڪري محسوس ٿيو ته هن لاءِ في الحال پاڪستان ۾ رهڻ نقصانڪار ثابت ٿي سگهي ٿو ته هو هليو ويو. (پاڪستان مان وڃڻ سندس خام خيالي هئي. اها منهنجي ذاتي راءِ آهي. کيس هتي ئي رهڻ گهرجي ها.

)هن دبئي وڃڻ جي چونڊ ڪئي. جڏهن هو دبئي هليو ويو ته اتان کان به کيس ڌڪو ڏئي ڪڍرايو ويو. سوشل ميڊيا تي خبرون  آهن ته پاڪستان جي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري دبئي جي حڪومت کي خط لکي چيو ته ارشد شريف کي پنهنجي ملڪ مان ڪڍي چڏيو. ارشد شريف ڪنهن به طريقي سان ڪو بدنام ڏوهاري شخص نه هو پر دبئي مان نڪري ها ته هو ڪيڏانهن وڃي ها، هن وٽ ڪنهن ٻئي ملڪ جي ويزا ئي نه هئي ان ڪري هن ڪينيا وڃڻ جو فيصلو ڪيو ۽ ڪينيا وڃڻ هن جي پروگرام جو حصو هو. پاڪستان جي قومي دولت ۾ ٿيندڙ ڪرپشن جي باري ۾ ڪهاڻي تي هو ڪم ڪري رهيو هو

ان ۾ ڪينيا کي اهميت حاصل آهي. ممڪن آهي ته ان لاءِ هن ڪينيا وڃڻ جي چونڊ ڪئي هجي. ڪينيا ۾ اسٽيل، شوگر، آٽوموبائل وغيره وغيره ۾ چيو وڃي ٿو ته ڪجهه مشهور پاڪستانين وڏي پئماني تي سيڙپ ڪئي آهي.

جڏهن توهان کي ڪرائي جا قاتل مليل هجن ۽ توهان وٽ پئسا به ٽنن جي حساب سان هجي ته ڪينيا ۾ ڪنهن کي به مارائڻ ڏکيو ڪم نه آهي. ڇا ارشد شريف اهڙي ڪنهن سازش جو شڪار ٿيو؟ هڪ چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هڪ  مشهور صحافي ۽ سينئر اينڪر محمد مالڪ ڦاٽ کاڌو ته صحافي ارشد شريف  ڪهڙو ملڪ ۾ انقلاب کڻي آيو هو هن اهڙو ڇا ڪيو هو جو موت جو حقدار بڻجي ويو؟ ارشد شريف سيڪورٽي ٿريٽ جي ڪري ملڪ کان ٻاهر ويو،

اسان کي جنهن جي اميد نه هئي اهو ٿي ويو. اسٽوري تي غور ڪريو سمجهه ۾ ئي نه پيو اچي ڪينيا ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو ان تي وڏا سوال آهن. مون کي هن وقت يقين آهي ته ارشد جا فون نه ملندا، فون ۾ سڀ ڪجهه آهي ته هو ڪنهن سان ڪهڙيون ڳالهيون ڪندهو  پر مون کي خبر آهي ته سندس فون نه ملندا. چوندا آهن ته اوچتو گولي هلي ۽ هي اتفاق ٿي ويو. هي اتفاق نه آهي کيس دبئي مان دٻاءُ تحت ڪڍيو ويو ۽ هن وٽ ويزا نه هئي ته قطر، سري لنڪا ۽ ڪينيا به آهي  جتي هو وڃي سگهي ۽ توهان کي خبر آهي ته هو ڪٿي وڃي سگهي ٿو.

محمد مالڪ چيو ته اسان کي خبر آهي ته پيڊ ڪلنگ (ڪرائي تي قتل) مان سڀ کان وڌيڪ بدنام ڪينيا جي پوليس آهي. ڪينيا پوليس جيڪي به ڪهاڻيون گهڙي رهي آهي ان موجب رڳو غلطي يا حادثو آهي پر ايئن نه آهي. رڳو هڪ گولي غلطي سان هلندي آهي هتي ته 9 گوليون هنيون ويون پوءِ ارشد شريف جو ليپ ٽاپ، موبائل فون ۽ ڪجهه اهم ڪاغذ ڪيئن غائب ٿيا. ڇا اهو به غلطي سان غائب ٿيا آهن. خرم احمد ۽ وقار احمد کي ئي ڳولڻو پوندو. انهن ٻنهي کان ارشد شريف کي قتل ڪرائڻ جي سببن جي باري ۾ معلومات ملي سگهي ٿي.