هاڻ ڏنڊي سان ڪورونا ايس او پيز تي عمل ڪرائبو: فردوس عاشق اعواڻ

0
406
فردوس عاشق اعواڻ

لاهور: پنجاب جي وڏي وزير جي خاص معاون فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته هاڻ ڏنڊي سان ڪورونا ايس او پيز تي عمل ڪرايو ويندو، لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو آهي ته خدمت توهان جي در تي پروگرام سان عوام کي رليف ملندو ۽ هاڻي آفيسر شاهي جو به احتساب ٿيندو، عوام کي تڪليف پهچائڻ وارن کي سختيءَ سان منهن ڏنو ويندو ۽ عوام کي رليف ڏيڻ ۾ رڪاوٽ وجهندڙ آفيسرن کي فارغ ڪيو ويندو، هن چيو آهي ته هاڻ حڪومت ڏنڊي جي طاقت سان ڪورونا ايس او پيز تي عمل ڪرائيندي، جهانگير ترين جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪندي هن چيو ته جهانگير ترين تحريڪ انصاف جي جدوجهد جو حصو رهيو آهي، پر جنهن تي آڱر کنئي وئي اهو جواب ڏيئي، جاچ اداري جيڪڏهن هن کي ڪلين چٽ ڏيئي ٿئي ته حڪومت کي ڪو به اعتراض نه آهي.