ملڪ ۾ڪورونا وگهي وڌيڪ 135 ماڻهو فوت

0
373

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ڪورونا وگهي 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 135 ماڻهو فوت ٿي ويا، حياتيون وڃائيندڙن جو انگ وڌي 15 هزار 754 ٿي ويو، وائرس جا 4 هزار 681 نوان ڪيس رپورٽ ٿيڻ بعد متاثرن جو مجموعي انگ 7 لک 34 هزار 423 ٿي ويو آهي، جڏهن ته ڪورونا جا 6 لک 41 هزار 912 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن، سرڪاري پورٽل موجب سنڌ ۾ ڪورونا جي مريضن جو مجموعي تعداد 269840 ٿي ويو، جڏهن ته 4530 ماڻهو هن وقت تائين فوت ٿي چڪا آهن، پنجاب صوبي ۾ ڪورونا جي ڪل مريضن جو انگ 255571 ٿي ويو، 7141 ماڻهو وائرس ۾ مبتلا ٿي ڪري حياتيون وڃائي چڪا، جڏهن ته بلوچستان ۾ مريضن جو تعداد 20499 ٿي ويو ۽ 219 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن، ڪي پي ۾ مريضن جو انگ 101045 تائين پهچي ويو، فوتين جو انگ 2732 ٿي ويو، جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ 14837 ماڻهو وائرس ۾ مبتلا ٿي ويا ۽ 410 ماڻهو فوت ٿي ويا، گادي واري شهر اسلام آباد ۾ ڪورونا مريضن جو مجموعي تعداد 67491 ٿي ويو ۽ هن وقت تائين 619 مريض فوت ٿي چڪا آهن…