“هائو پيمپر وٺيون پيو اچان!“ گلوڪار عاطف اسلم جي زال سان گفتگو وائرل

0
583

ڪراچي: هونئن ته عام طور تي شوبز شخصيتن جي وڊيوز کي رقص ڪندي ۽ ڳائيندي ڏٺو ويندو آهي پر گلوڪار عاطف اسلم جي پنهنجي زال سان دلچسپ گفتگو جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي. گلوڪار عاطف اسلم جي هڪ نئين ويڊيو انسٽاگرام تي وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ عاطف يو ٽيوبر شاهه وير جعفري سان گڏ هڪ ڪار ۾ ويٺو آهي. وڊيو ۾ شاهه وير جعفري عاطف اسلم کان نون گلوڪارن بابت پڇي ٿو ان دوران عاطف اسلم جي موبائيل تي هڪ ڪال اچي ٿي، جيڪا جيئن ئي کيس موصول ٿي ته عاطف پنهنجي زال کي چوي ته هو پيمپر ورتيون پيو اچي، گفتگو دوران ، عاطف پنهنجي زال کي وڌيڪ چيو ته هو جلدي پهچي ويندو. عاطف جي گفتگو تي شاهه وير جعفري کي کلندي ڏسي سگهجي ٿو. صارفين پاران لکين ڀيرا ويڊيو کي ڏٺو ويو آهي ، جنهن تي هو پنهنجي پسند جو اظهار ڪندي دلچسپ تبصرا ڪري رهيا آهن.