ويڪسينيشن ۾ سستي ڇو ؟

0
314
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

ڪورونا ڏينهون ڏينهن خطرناڪ ٿي رهي آهي ۽ ان پنهنجي نقصان جا اثر به ڏيکارڻ شروع ڪيا آهن ٻه ڏينهن اڳ سڄي ملڪ ۾ هڪ ئي ڏينهن ۾ ريڪارڊ 201 فوتگيون ٿيون آهن، جڏهن ته ملڪ ۾ مجموعي طور ان جي پکڙجڻ جي شرح ذري گهٽ 11 تائين پهتي آهي جڏهن ته جيڪڏهن اها شرح 14 تائين پهچي ٿي ته صحت جي نظام تي تمام گهڻو بار پوندو، جڏهن ته پاڙيسري ملڪ ۾ به لڳاتار صورتحال خطرناڪ بڻيل آهي، انهي وبا کان مڪمل ڇوٽڪارو صرف ويڪسينيشن سمجهيو ۽ چيو وڃي ٿو پر اسان وٽ انهي ويڪسينيشن جو عمل انتهائي سست آهي. هڪ ته اها ويڪسين سموري عوام لاءِ اڃان تائين مهيا ناهي ٻيو ته في الحال جيڪي انهي ويڪسينيشن جا حقدار ڄاڻايا پيا وڃن انهن جي رجسٽريشن ۽ ويڪسينيشن ۾ به سستي ڪئي پئي وڃي جنهن ڪري انهي انداز يا وڏي تعداد ۾ ويڪسينيشن نه ٿي رهي آهي .
ڪورونا کي پکڙجڻ کان روڪڻ جو حل اهو ئي ٻڌايو ويو ته يا مڪمل لاڪڊائون ڪجي يا وري مڪمل ويڪسينيشن، جنهن کانپوءِ انهي وائرس جي وبا کان عوام محفوظ رهي سگهي ٿو،پهرين ۽ ٻئي مرحلي ۾ جڏهن اڃان ڪورونا کان بچاءَ جي ويڪسين تيار نه ٿي هئي تڏهن سڄي دنيا ۾ لاڪڊائون ڪري انهي وبا تي ضابطو آڻڻ جون ڪوششون ڪيون پئي ويون پر ٽئين مرحلي اچڻ کان اڳ مختلف ملڪن جڏهن اها ويڪسين تيار ڪري ورتي ته سڄي دنيا اها ويڪسين وڌ کان وڌ پنهنجي عوام کي لڳائڻ لاءِ تحرڪ ورتو پر اسان وٽ اها ويڪسين خريد ڪرڻ لاءِ هنگامي بنيادن تي ڪم نه پئي ڪيو ويو جڏهن ته چين سميت ڪجهه دوست ملڪن طرفان اها ويڪسين ملڻ شروع ٿي ته ان کي لڳائڻ جي عمل ۾ به سستي ڪئي وئي، جڏهن ته خانگي طور ويڪسين لڳائڻ جي اجازت ڏيڻ کان پوءِ ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ هتي وري ان جي قيمت انتهائي گهڻي رکي وئي، جنهن تي سياسي ۽ سماجي سطح تي به تنقيد ٿي. هڪ اهو ته اها ويڪسين حڪومت کي هر حال ۾ عوام لاءِ مفت فراهم ڪرڻ گهرجي ۽ ٻيو ته خانگي شعبي کي کليل ڇوٽ نه ڏجي ته اها پنهنجي مرضي سان ان جي قيمت مقرر ڪري پر حڪومت ان جي گهٽ ۾ گهٽ قيمت طئه ڪري ته جيئن هر ڪو ماڻهو آساني سان اها خريد ڪري ويڪسين لڳرائي سگهي. اسان وٽ پهرين مرحلي ۾ صحت جي عملي کي ويڪسينيشن ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي ان کان پوءِ 60 ۽ ان کان مٿي عمر وارن ماڻهن لاءِ ويڪيسن مهيا ڪئي وئي جڏهن ته پوءِ 50 کان 60 سال تائين ۽ هاڻي 40 سالن کان مٿي وارن ماڻهن جي رجسٽريشن ڪئي پئي وڃي، پر جيڪڏهن ان جو جائزو وٺجي ٿو ته خبر پئي پوي ته هن وقت تائين سنڌ ۾ رڳو هڪ سيڪڙو شهرين کي به ويڪسين نه لڳي سگهي آهي جنهن جو سبب هڪ ته رجسٽريشن ۾ دير ٿيڻ آهي ٻيو ته جن جي رجسٽريشن ٿئي ٿي انهن کي ويڪسين لڳرائڻ لاءِ تاريخ ڏيڻ ۾ مهينا لڳي وڃن ٿا. هاڻي جڏهن پنجاهه سالن کان مٿي وارن عمر جي ماڻهن کي رجسٽريشن ڪوڊ ڏيکاري ڪٿي به ويڪسين ڪرائڻ جي اجازت ملي آهي ته سينٽر ايترا ٿورا آهن جو اتي ماڻهن جي رش لڳي پئي آهي ۽ گهڻو وقت وٺڻ ڪري شهري انهي تعداد ۾ ويڪسينيشن نه ٿا ڪرائي سگهن جيتري تعداد ۾ اها ويڪسينشن ٿيڻ گهرجي.
اسان سمجهون ٿا ته وڌ کان وڌ ۽ تڪڙن بنيادن تي ويڪسينشن ڪرڻ لاءِ سنڌ حڪومت کي وڌ کان وڌ سينٽر ٺاهڻ گهرجن جيئن سينٽرن تي رش جو معاملو نه ٿئي ۽ شهري سولائي سان اها ويڪسينشن ڪرائي سگهن، ٻيو ته هاڻي سنڌ حڪومت وفاق کان اهو به مطالبو ڪيو آهي ته ويڪسينشن لاءِ عمر جي حد واري پابندي ختم ڪئي وڃي جيڪا سٺي ڳالهه آهي، وفاق کي اها ڳالهه مڃڻ گهرجي پر ان لاءِ ٻنهي حڪومتن تي جيڪا ذميواري ٿئي ٿي اها پوري ڪرڻ گهرجي. وفاقي حڪومت انهي تعداد ۾ اها ويڪسين حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري يا صوبن کي اها اجازت هجي ته اهي پاڻ ويڪسين گهرائي سگهن. ٻي ذميواري صوبائي حڪومتن جي آهي ته سموري عوام جي ويڪسينشن لاءِ هر ننڍي کان ننڍي علائقي ۾ ويڪسينيشن جون سهولتون پيدا ڪن. جڏهن محدود شهرين کي ئي ويڪسينيشن ۾ ڏکيايون ٿي رهيون آهن ته جڏهن سموري عوام کي ويڪسينشن جي اجاز ت ملي ته اهو ٽارگيٽ تڪڙو ڪيئن حاصل ڪري سگهبو، ڇو ته ڪورونا جيئن تيزي سان پکڙجي ٿي ان کي جلد کان جلد عوام کي ويڪسينشن ڪرائي روڪي سگهجي ٿو.