ڪراچي: نيو ڪراچي جي علائقي رشيد آباد جي يو سي 13 واري علائقي ۾ ٽن گروپن ۾ جهيڙو، ٺونشن جو وسڪارو، ڇڪتاڻ، ڪجھھ دير لاءِ پولنگ جو عمل متاثر، پوليس ذريعن موجب يو سي 13  جي پولنگ اسٽيشن ۾ جماعت اسلامي، ٽي ايل پي ۽ پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن وچ ۾ جھيڙو ٿي پيو، ڪارڪنن هڪٻئي تي  ٺونشن جو وسڪارو لاھي ڏنو، جنھن سبب ڪيترائي ڪارڪن زخمي ٿي پيا، پوليس جي وڏي نفري پھچي  تحريڪ لبيڪ جي ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ورتو، جنھن بعد ووٽنگ جو عمل ٻيھر شروع ٿيو.