نيوسعيدآباد (ن پ ا) نيوسعيدآباد جي ڳوٺ پريوبھڻ جي رھواسين 6 ٻارڙن جي ماءُ ۽ 20 سالن جي نوجوان پاران خوڪشي وارن واقعن کي 24 ڪلاڪ گذرڻ باوجود جاچ پوليس ڪابه اڳڀرائي نه ڪري سگھي آھي. نه ئي خودڪشين جااصل ڪارڻ معلوم ٿي نه سگھيا آھن، جڏھن ته پوسٽ مارٽم دوران فوتي عورت جي جسم مان ڪڍيل جزاڪيميڪل ليباريٽري ۾ به نه اماڻيا ويا آھن. ھوڏانھن ايس ايس پي مٽياري آصف ٻگھيو واقعن جونوٽيس وٺندي پوليس کي ھدايتون جاري ڪيون آھن ته ٽيڪنيڪل طريقي سان جاچ ڪئي وڃي ۽ فوتي عورت جي ڀاءُ صدام حسين زرداري پاران سندس ڀيڻ پروين زال پنھل بھڻ کي قتل ڪرڻ جي الزام جي گھڻ رخي جاچ ڪرڻ جا حڪم پڻ جاري ڪيا آھن. ٻئي طرف فوتي عورت جي تدفين نوابشاھ ۽ نوجوان حب علي بھڻ جي تدفين ڳوٺ پريو بھڻ ۾ ڪئي وئي. ھڪ ئي گھر ۾ ٻن ماڻھن جي فوتگي سبب سڄي ڳوٺ ۾ سوڳواروماحول ڇانيل آھي. نيوسعيدآباد پوليس جي ايس ايچ اوٺاروخان ڀٽي موجب واقعو عورت ۽ نوجوان ۾ ناجائز لاڳاپن جي جافواهن سبب شڪي بڻيل آھي، جنھن جي تحقيقات ڪئي پئي وڃي ثبوت مليا ته سرڪارپاران فرياد داخل ڪيو ويندو.