نيوزيلينڊ سيريز ختم ٿيڻ بعد قومي ٽي ٽوئنٽي ٽورنامينٽ وڏي پئماني تي ڪرائڻ جو فيصلو

0
320
سڀني جي مدد ڪئي

ڪراچي(م ڊ) نيوزيلينڊ سيريز ختم ٿيڻ بعد قومي ٽي ٽوئنٽي ٽورنامينٽ وڏي پئماني تي ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

بهتر سهولتن جي ڪري قومي ٽي ٽوئنٽي ٽورنامينٽ ملتان کان پنڊي منتقل ڪئي وئي، ٽورنامينٽ 23 سيپٽمبر کان شروع ٿيندي.

قومي ٽي ٽوئنٽي ٽورنامينٽ ۾ سمورا وڏا رانديگر حصو وٺندا جڏهن ته  ٻيو مرحلو لاهور ۾ ٿيندو.

ٻئي پاسي پي سي بي چيئرمين رميز راجا چيو آهي ته جيڪو ڪجه ٿيو، پاڪستان ڪرڪيٽ لاءِ ٺيڪ ناهي ٿيو، هوم ڪرڪيٽ تي دٻاءُ وڌيو آهي، ٽيم اِن صورتحال جي ڪاوڙ پرفارمنس ذريعي ڪڍي، ٽيم دنيا جي نمبر وڻ بڻجي وڃي ته سيريز جي لائن لڳي ويندي.