نيوزيلينڊ جو دورو ختم ڪرڻ واري فيصلي سان پاڪستان ۾ عالمي ڪرڪيٽ تي ڪهڙا اثر پوندا؟

0
172

ڪراچي(اسپورٽس ڊيسڪ) نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم پاڪستان جو دورو ختم ڪري واپس پنهنجي ملڪ هلي وئي آهي. نيوزيلينڊ جي فيصلي سان ڪيترائي سوال اُٿي رهيا آهن، جن ۾ سڀ کان اهم سوال پاڪستان ۾ عالمي ڪرڪيٽ جي مستقبل بابت آهي. پي سي بي چيئرمين جا اهي لفظ اهم هئا ته نيوزيلينڊ ڪهڙي دنيا ۾ رهي ٿو، هاڻ ڪيوي بورڊ سان آءِ سي سي ۾ ملاقات ٿيندي. اِها ڳالهه وقت کان اڳ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ نيوزيلينڊ ٽيم جو دورو رد ٿيڻ سان مالي نقصان جي ازالي لاءِآءِ سي سي جي لاڳاپيل ڪميٽي ۾ اٿاري ٿو يا نه، پر اهو پتو پوي ٿو ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ رد ٿيل ميچ ٻيهر پاڪستان ۾ئي ڪرائڻ چاهي ٿو. نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم کي ايندڙ سال ٻيهر پاڪستان جو دورو ڪرڻو آهي، جنهن ۾ 3 ون ڊي انٽرنشنل ۽ 2 ٽيسٽ ميچز رٿيل آهن. ون ڊي انٽرنيشنل ميچز آءِ سي سي سپر ليگ  جو حصو هونديون، پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي ڪوشش هوندي ته موجوده دوري جي رد ٿيڻ جي نتيجي ۾ متاثر ٿيل ميچز ايندڙ سال نيوزيلينڊ ٽيم جي دوري ۾ ئي ايجسٽ ڪرائي. نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم پاڪستان پهچڻ کان اڳ ڪرڪيٽ جي دنيا جو سڀ کان مشهور سيڪيوٽي ماهر ريگ ڊيگاسن پاڪستان پهچي سيڪيورٽي انتظامن ۽ قدمن جو جائز وٺي اطمينان جو  اظهار ڪيو هو. انگلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم 2 ٽي توئنٽي انٽرنيشنل ميچز کيڏڻ لاءِ ايندڙ مهيني پاڪستان جو دورو ڪندي، ان حوالي سان نيوزيلينڊ جي فيصلي انگلش بورڊ کي به منجهائي ڇڏيو آهي، بهرحال پي سي بي جي چيف ايگزيڪيوٽو وسيم خان انگلش بورڊ سان رابطو ڪري خاطري ڪرائي آهي ته پاڪستان ۾ سيڪيورٽي جا ڪي به مسئلا ناهن، جيڪڏهن نيوزيلينڊ کانپوءِ انگلينڊ ٽيم دورو رد ڪري ٿي ته پوءِ يقينن آسٽريلوي بورڊ به دورو رد ڪندو، جنهن سان پاڪستان جي هوم ڪرڪيٽ کي تمام گهڻو ڌڪ لڳندو، نه رڳو پاڪستان کي اربين رپين جو نقصان ٿيندو پر ان سان گڏوگڏ پاڪستان ۾ سياحت ۽ سيڙپڪاري کي به نقصان ٿيندو.