نيب چيئرمين پاران ڪيپٽن رٽائرڊ صفدر خلاف انڪوائري بند ڪرڻ ۽ 3 ريفرنسز جي منظوري

0
492
نيب آفيسرن جي ڪرپشن

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نيب چيئرمين جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال چيو آهي ته چيو آهي ته اٽو، کنڊ ۽ رنگ روڊ اسڪينڊل سوڌو سمورن ي ڪيسز کي منطقي انجام تائين پهچائينداسين، قومي احتساب بيورو جي ايگزيڪيوٽو بورڊ جو اجلاس نيب چيئرمين جسٽس ر جاويد اقبال جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس ۾ ڊپٽي چيئرمين نيب، پراسيڪيوٽر جنرل اڪائونٽبلٽي نيب، ڊي جي آپريشنز نيب ۽ ٻين سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ ڳالهائيندي نيب چيرمين چيوآهي ته وڏين مڇين خلاف اربين روپين جا 1269 ريفرنسز عدالتن ۾ داخل ڪيا آهن، نيب ۽ ڪرپشن گڏ نٿا هلي سگهن ۽ ڪرپشن جو خاتمو نيب جي پهرين ترجيح آهي. هن چيو آهي ته نيب جو ڪنهن به سياسي جماعت سان واسطو نه آهي، گروهه يا فرد سان نه پر پاڪستان جي رياست سان آهي، نيب تي بنا جواز تنقيد ڪرڻ وارا عدالتن ۾ پڪنا ثبوتن جي بنياد تي داخل ٿيل رينفرنس جو دفاع ڪن. هن چيو آهي ته نيب کنڊ، اٽو، مني لانڊرنگ، جعلي اڪائونٽس ڪيسز ۽ رنگ روڊ اسڪينڊلز، ناجائز اختيارين جو استعمال، آمدني کان وڌيڪ اثاثا ۽ غير قانوني هائوسنگ سوسائٽيز کيبه پنهنجي انجام تائين پهچائيندو، جڏهن ته هن کان علاوه مضاربه اسڪينڊل جي جوابدارن کي قانون موجب سزا ڏيارينداسين، اجلاس ۾ 9 انڪوائريز، 3 انويسٽيگيشنز ۽ 3 ريفرنسز جي منظوري ڏني وئي، ڪئپٽن (ر) صفدر خلاف انڪوائري بند ڪرڻ جي منظوري پڻ ڏني وئي، احسان الله محسود خلاف بدعنواني ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظوري پڻ ڏني وئي، اڳوڻي روينيو آفيسراحسان الله تي سرڪاري زمين الاٽ ڪرڻ جا الزام آھن، اجلاس ۾ مقبول لهڙي ۽ اڳوڻي ميئر ڪوئيٽا خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي، بلوچستان جي اڳوڻي وزير امين عمراڻي خلاف به ريفرنس جي منطوري پڻ ڏني وئي، ن ليگ جي اڳواڻ امير مقام خلاف انڪوائري جي منظوري ڏني وئي، جڏھن تھ ڊي جي زراعت ڊاڪٽر نويد ۽ ٻين خلاف به انڪوائريز جي منظوري پڻ ڏني وئي آھي..