سکر: ڪورونا مريض سان ملڻ نه ڏيڻ تي عملي مٿان تشدد

0
293

سکر (بيورو رپورٽ) سکر سول اسپتال ۾ مائٽن کي ڪورونا مريض سان ملڻ تي منع ڪرڻ بعد مريض جي مائٽن عملي تي حملو ڪري ڏنو. مريض جي مائٽن اسپتال جا شيشا ڀڃي ڇڏيا، جڏهن ته سول اسپتال جي ڪورونا وارڊ ۾ مقرر هڪ گارڊ تي تشدد ڪيو ويو. اطلاع تي سي سيڪشن پوليس اسپتال پهچي وئي ۽ هڪ ملزم کي گرفتار ڪيو. پوليس جو چوڻ هو ته پوليس جي اچڻ تي حملو ڪندڙ وڌيڪ جوابدار فرار ٿي ويا، واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي ۽ ڪيس داخل ڪيو ويندو .