اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نيب چيئرمين رٽائرڊ جسٽس جاويد اقبال چيو آهي ته اڄ ڪلهه نيب خلاف سوچيل سمجهيل ۽ جارحاڻِي پروپئگينڊا هلي رهي آهي، نيب جِي ڪارڪردگي سدائين تمام شاندار رهي آهي، نيب جي اجلاس دوران هن وڌيڪ چيو ته مثبت تنقيد ڀلي ڪئي وڃي پر بنا جواز تنقيد نه ٿيڻ گهرجي، تنقيد وري اهي ڪندا آهن، جن کي آئين ۽ قانون جِي خبر ئي ناهي، اهي ماڻهو روسٽرم تي چوندا آهن ته نيب جو قانون وڏو ڊريڪونين آهي ۽ روسٽرم تي ايندڙ شخص سمجهندو آهي ته ڊريڪونين وارو جملو ضرور چوڻو آهي، نيب جَي اجلاس دوران چيئرمين جاويد اقبال چيو ته، تنقيد ڪندڙ وساري ڇڏيندو آهي ته سپريم ڪورٽ نيب قانونن جو مڪمل جائزو ورتو آهي.